پاڪستانڄامشوروسنڌ

وفاقي حڪومت گئس لوڊشيدنگ ڪري زيادتي ڪئي آهي:جلال شاهه

ڄامشورو:سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه جلال محمود شاهه جاري ڪيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته پيپلزپارٽي جي سرڪار سنڌ اندر بک، بدحالي، بيروزگاري، مهانگائي ۽ منشيات فروشي جهڙي عمل ۾ ملوث آهي. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ حڪومت خراب حڪمرانيءَ سبب سنڌ اندر ٻج، ڀاڻ، زرعي دوائون، اٽو، کنڊ ۽ تيل سميت روز مرہه جي استقبال ۾ ايندڙ شين تي ڪنٽرولڊ ريٽ ۾ عمل ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام وئي آهي. ملڪ جي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ اندر مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي. جلال شاھه جو وڌيڪ چوڻ هو ته وفاقي حڪومت گئس لوڊشيدنگ ۽ سي اين جي سيڪٽر کي گئس فراهمي بند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي جيڪا سراسر زيادتي آهي. سنڌ حڪومت ان نوٽيفڪيشن تحت زبردستي سي اين جي اسٽيشنون بند ڪرايون آهن. هن مطالبو ڪيو ته سنڌ اندر فوري طور تي گئس لوڊشيدنگ ختم ڪري فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button