پاڪستانڄامشوروسنڌ

عمران سنڌ حڪومت کي ڪا رٿا نه ڏئي سنڌ دشمني ڪئي:ملڪ اسد

سن:سن لڳ ڳوٺ ڪلري ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ساٿي جاڙو خان گائنچي جي وفات تي سندس پٽ لقمان خان گائنچي سان پي پي پي ايم پي اي ملڪ اسد سڪندر سندس ڳوٺ پھچي تعزيت ڪئي. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته عمران خان جي حڪومت عوام تي جيڪو مھانگائي جو بم ڪيرائي رهي آھي، ان سان عوام رڙيون نڪري ويون آهن. عمران خان پنهنجي حڪومت ۾ سنڌ حڪومت کي ڪو منصوبو نه ڏئي ڪري سنڌ دشمن عمل ڪيو آهي. هن چيو ته بلاول ڀٽو عمران خان جي حڪومت جي ڪارنامن خلاف احتجاج ڪندي قوم ۽ پنهنجي ملڪ سان سچائي ۽ محبت اظهار ڪري رهيو آهي. پيپلزپارٽي وٽ غريب عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جو پروگرام آهي. ايندڙ جنرل اليڪشن توڙي بلدياتي اليڪشن پوري ملڪ ۾ اڪثريت سان پ پ ڪاميابيءَ ماڻيندي. ان موقعي تي ھادي بخش رند، شير محمد گائنچو، اڳوڻو يوسي ناظم پير بخش ڇڇر، علي نواز گائنچو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button