اسلام آبادپاڪستان

اسلام آباد ۾ پوليس جو مبينا مقابلو،بلال گينگ جا 2 ڏوهاري مارجي ويا

اسلام آباد:آءِ جي اسلام آباد احسن يونس جي نگراني ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ بلال گينگ جا 2 ڏوهاري مارجي ويا آهن. جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 پوليس اهلڪار به زخمي ٿيا. ان ڏس ۾ ڪالهه اسلام آباد پوليس جي ترجمان جو چوڻ هو ته بحريا ٽائون فيز 8 ۾ ڦورن پوليس جي ٽيم تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار زخمي ٿي پيو، جن جو پيڇو ڪيو ته ڏوهاري هائوسنگ سوسائٽي جي هڪ گهر ۾ گهڙي ويا. ترجمان موجب پوليس اهلڪارن گهر کي گهيري ۾ آندو ته جوابدارن ٻيهر فائرنگ ڪئي، جنهن جي جوابي فائرنگ ۾ 2 ڦورو مارجي ويا ۽ فائرنگ ۾ اهلڪار به زخمي ٿيا آهن. آءِ جي اسلام آباد محمد احسن يونس ان حوالي سان ٻڌايو ته فيز 8 کان خانگي هائوسنگ سوسائٽي تائين جوابدارن 3 ڀيرا فائرنگ ڪئي ۽ آپريشن جي نگراني پاڻ ڪندو رهيس. پوليس مقابلي ۾ مارجي ويلن ۾ بلال گينگ جو واجد ۽ ارشد شامل آهن. جڏهن ته فرار ٿيل ٽن جوابدارن جي ڳولا جاري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button