پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ خوفناڪ ڌماڪو، 16 ڄڻا اجل جو شڪار

ڪراچي: ڪراچي جي علائقي شير شاهه ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ تحريڪ انصاف جي ايم اين اي عالمگير خان جي والد سميت 16 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا. پوليس موجب ڌماڪو شير شاهه پراچا چوڪ تي ٿيو، جنهن سان خانگي بئنڪ جي عمارت مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي، ڌماڪي جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو ۽ نجي بئنڪ سان گڏوگڏ ويجهين عمارتن کي به نقصان پهتو. ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ 16 ڄڻا زخمي ٿيا آهن جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ٽراما سينٽر جي سربراهه صابر ميمڻ ٻڌايو ته ڌماڪي جي نتيجي ۾ هيل تائين 16 لاش اچي چڪا آهن، 8 زخمين کي شروعاتي طور طبي امداد کانپوءِ فارغ ڪيو ويو، جڏهن ته 6 زخمي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن ۽ ٻه وينٽي ليٽر تي آهن. ان حوالي سان بم ڊسپوزل اسڪواڊ پنهنجي شروعاتي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڌماڪو سيورج لائن ۾ گيس خارج ٿيڻ سان ٿيو، نالي جي مٿان بئنڪ ٺهيل هئي، ڌماڪي سبب عمارت کي شديد نقصان پهتو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button