اسلام آبادپاڪستان

افغان عوام کي طالبان کان الڳ ڏسڻو پوندو،داعش کان بچڻو آهي ته افغانستان کي مستحڪم ڪريو:وزيراعظم

اسلام آباد:وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغان عوام کي افغان طالبان کان الڳ ڏسڻو پوندو. دنيا کي داعش جي خطري کان بچڻو آهي ته افغانستان کي مستحڪم ڪرڻو پوندو. افغان صورتحال تي سنجيدگي ڏيکارڻي پوندي، جيڪڏهن اڃا به صورتحال تي اکيون بند ڪيون ويون ته انساني الميو جنم وٺندو. دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ افغانستان کان وڌيڪ مسئلا ناهن ڏٺا ۽ افغانستان جي حالتن سبب سڀ کان وڌيڪ پاڪستان نقصان برداشت ڪيو. ڪالهه 41 سالن کانپو پاڪستان ۾ ڪوٺايل او آ ءِ سي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته 41 سالن بعد او آءِ سي جو اجلاس پاڪستان ۾ ٿي رهيو آهي، معزز مهمانن کي شرڪت تي پاڪستان ڀليڪار چئي ٿو. هن چيو ته جيتريون ڏکيائيون افغانستان برداشت ڪيون آهن، ايتريون ڪنهن به ناهن ڪيون. افغانستان 4 ڏهاڪن کان گهرو ويڙهه جو شڪار رهيو، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ 80 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني جانيون ضايع ٿيون. عمران خان چيو ته افغانستان ۾ سالن جا سال ڪرپٽ حڪومتون رهيون، افغانستان جي وڏي آبادي غربت جي ليڪي کان هيٺ زندگي گذاري رهي آهي. بئنڪن جو نظام ٺيڪ ناهي، اتي هن وقت صورتحال انتهائي سنگين آهي. افغانستان ۾ عورتن ۽ انساني حقن جي معاملن کي حساسيت سان حل ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ انهن جي مدد ڪرڻ اسان جي مذهبي ذميواري آهي. فوري ايڪشن کڻڻو پوندو، هي افغانستان جي بقا جو سوال آهي. سندس چوڻ هو ته افغانستان جي عوام جي فوري طور مدد ڪرڻي پوندي. هڪ مضبوط افغانستان ئي خطي ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. اميد آهي ته او آءِ سي افغان امن جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي. فلسطين ۽ ڪشمير جو عوام به اسان طرف ڏسي رهيو آهي، اسان کي هر فورم تي انهن جي لاءِ به آواز اٿارڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته اسلامو فوبيا اهم مسئلو آهي، نائن اليون کانپوءِ اسلامو فوبيا جي لهر ۾ شدت آئي. اسلام کي دهشتگردي سان جوڙڻ حقيقت جي ابتڙ آهي، ڪو به مذهب دهشتگردي جي اجازت ناهي ڏيندو. اسلام هڪ آهي ۽ اهو اسلام اسان جي پياري نبي صه جو آهي، اسان کي اسلام جي حقيقت کي اجاڳر ڪرڻو پوندو. هن چيو او آءِ سي جي ذميواري آهي ته اسلام جي حقيقت کي اڳيان آڻي، اسان کي اسلام مخالف پروپئگنڊا جي تدارڪ لاءِ اثرائتو آواز اٿارڻو پوندو. پاڪستان ۾ رحمت اللعالمين اٿارٽي جو مقصد پاڻ سڳورن صه جن جي تعليم کي دنيا ۾ اجاڳر ڪرڻ آهي. جڏهن ته او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحه چيو آهي ته او آءِ سي افغانستان جي صورتحال تي نظر رکندي رهي آهي ۽ اسان هن اجلاس کي افغانستان جي عوام جي مدد جي لاءِ تمام گهڻو اهم سمجهون ٿا. اجلاس کي خطاب ڪندي حسين ابراهيم طحه چيو ته افغان عوام کي پيش انساني بحران کي نظر ۾ رکندي هن وقت انهن کي مدد فراهم ڪرڻ ضروري آهي ۽ اسان سمورن ميمبر ملڪن کي ڪابل ۾ او آءِ سي مشن ذريعي افغان عوام کي انساني مدد فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪيون ٿا. هن اميد ظاهر ڪئي ته افغانستان ۾ سموريون ڌريون گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪنديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button