پاڪستانسنڌ

ڪوٽڙي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ٽئنڪر ڊرائيور قتل

ڪوٽڙي: ڪوٽڙي ۾ ٽئنڪر ڊرائيور کي مبينا طور ڪارنهن جي الزام هيٺ گوليون هڻي قتل ڪيو ويو. الزام هيٺ آيل ڌر گهر ڇڏي فرار ٿي وئي. رپورٽ موجب ڪوٽڙي سائيٽ ايريا جي ٻٻر اسٽاف ويجهو هٿياربندن ٽئنڪر ڊرائيور 30 ورهين جي نوجوان لياقت خان کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا. واقعي بعد پوليس اطلاع تي پهچي وئي، جنهن لاش کڻائي بلاول ميڊيڪل ڪاليج اسپتال منتقل ڪيو، جتان لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻئي پاسي مقتول نوجوان جي والد محمد خان پٺاڻ الزام هڻندي چيو ته اعجاز مستوئي ۽ راجو مستوئي پٽ کي قتل ڪيو آھي، جوابدارن سان ڪجھه معمولي تڪرار هلندڙ هو، اسان راڄوڻي لا وياسين، پر هنن انڪار ڪيو ۽ گوليون هڻي پٽ قتل ڪري ويا. هن گهر ڪئي ته جوابدار گرفتار ڪيا وڃن ۽ انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. سائيٽ پوليس مقتول جي والد جي فرياد تي ٻن ڄڻن اعجاز مستوئي ۽ راجو مستوئي تي قتل جو ڪيس داخل ڪري ورتو. ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او سائيٽ خير محمد ملاح ٻڌايو ته ٻن جوابدارن تي ڪيس داخل ڪيو آھي، جوابدار جيڪب آباد لڳ گداواهھ جا رهواسي آھي، جيڪي گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آھن، جوابدار جلد گرفتار ڪيا ويندا. هن چيو ته مقتول ڌر پوليس آڏو موقف ڏنو آھي ته ڪجهھ وقت اڳ اعجاز مستوئي جي ڀيڻ گهران نڪري وئي هئي، جنهن کي مقتول گهر ڇڏي ويو، ان تي جوابدار ڌر مقتول مٿان ڪاوڙيل هئي ته ڊرائيور اسان جي ناري سان واسطا رکيا آھن، جنهن سبب واقعو پيش آيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button