پاڪستانسنڌ

پ پ مهانگائي تي احتجاج بدران ان تي ضابطو آڻي:ارباب رحيم

سانگھڙ: وزيراعظم جي سنڌ جي معاملن بابت صلاحڪار ارباب غلام رحيم چيو آهي ته صوبائي خودمختياري پيپلزپارٽي حڪومت وٽ آهي. مھنگائي، بيروزگاري ۽ زراعت جي مسئلن تي پيپلزپارٽي احتجاج ڪرڻ بدران ان تي پاڻ به ڪنٽرول ڪري. سانگهڙ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي صرف پئٽرول ۽ گئس وفاق وٽ آهي، انهن جو اگهه سڄي دنيا ۾ ڪرونا وبا جي ڪري اضافو ٿيو، پر ھاڻ ان تي ڪنٽرول ٿئي پيو، جلد قيمتون ھيٺ اچي وينديون، سنڌ ۾ جيڪا ڀاڻ جي کوٽ آھي، اھا سنڌ حڪومت جي خراب گورننس آهي، ھتي وڏا ڊيلر پاڻ ۽ انتظاميا ملي کوٽ پيدا ڪري رھيا آهن، اھو سنڌ حڪومت جو ڪم آهي، زراعت سنڌ جو سبجيڪٽ آهي. ھن چيو ته سنڌ ۾ اپوزيشن پنهنجو ڪم ڪري رهي آهي. ان موقعي تي فنڪشنل ليگ ضلعي جو صدر غلام دستگير راڄڙ، عبدالحڪيم راڄڙ ۽ ٻيا موجود ھئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button