پاڪستانسنڌ

مقصودورند ۾ نوجوان جي قتل ڪيس ۾ روپوش جوابدار گرفتار

مقصودو رند: لنڊو شريف پوليس جي اٽالن رانجهو ٽالپر اسٽاپ وٽ ڪارروائي ڪندي 2014ع ۾ نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ واري ڪيس ۾ نامزد جوابدار محراب رند کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي. ان حوالي سان ايس ايڇ او لنڊو علي دوست بروهي دعويٰ ڪندي چيو ته قتل ڪيس جي اشتهاري جوابدار محراب رند کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جوابدار محراب رند ڳوٺ تڳيو رند واسي نوجوان ممتاز رند کي قتل ڪرڻ بعد روپوش ٿي ويو هو، جوابدار کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. ياد رهي ته پوليس 7 سال اڳ مقتول ممتاز رند جي سئوٽ ميان بخش رند جي فرياد تي محراب رند ۽ ٻين جوابدارن تي ڪيس داخل ڪيو ھو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button