پاڪستانسنڌ

او آئي سي جو 41 سالن بعد پاڪستان ۾ اجلاس،6 نقاطي تجويز پيش

اسلام آباد :او آئي سي پرڏيهي وزيرن جو 17 هون اجلاس 41 سالن بعد پاڪستان ۾ ٿيو، پاڪستان افغان عوام جي مدد لاءِ 6 نقاطي فريم ورڪ جي تجويز پيش ڪري ڇڏي. ڪالهه پاڪستان جي ميزباني هيٺ اسلامي تعاون تنظيم او آئي سي جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جو 17هون غير معمولي اجلاس اسلام آباد جي پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس سعودي عرب جي دعوت تي طلب ڪيو ويو، جيڪو اسلامي تعاون تنظيم جو چيئرمين آهي. پاڪستان اجلاس سڏائڻ جي آجيان ڪندي ان جي ميزباني جي آڇ ڪئي هئي. پاڪستان جي دعوت تي اجلاس ۾ 22 ملڪن جا پرڏيهي وزير، 10 نائب پرڏيهي وزيرن سميت 70 وفد شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪيو ۽ افغان عوام جي مدد لاءِ 6 نقاطي فريم ورڪ جي تجويز پيش ڪئي، جنهن ۾ چيو ويو ته او آئي سي ملڪن کي فوري طور افغان عوام جي مدد ڪرڻي پوندي. افغانستان ۾ تعليم صحت ۽ ٽيڪنيڪي شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي. يو اين ۽ او آئي سي جو گروپ ٺاهي افغانستان کي جائز بئڪنگ سهولتن تائين پهچ ۾ مدد ڏني وڃي. ٽين تجويز ۾ چيو ويو ته افغان عوام کي خوراڪ فراهم ڪرڻ ۽ فوڊ سيڪيورٽي لاءِ ترت قدم کنيا وڃن. چوٿين تجويز مطابق دهشتگردي روڪٿام ۽ منشيات جي پاڙ پٽڻ لاءِ افغان ادارن جي صلاحيت وڌائي وڃي. پنجين تجويز ڏني وئي ته افغانستان ۾ انساني حق، عورتن ۽ ڇوڪرين جي حقن سان افغان عملدارن سان انگيج ڪيو وڃي. تجويز ۾ چيو ويو ته افغانستان ۾ دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ افغان عملدارن سان گڏجي ڪم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button