پاڪستانسنڌ

مٺي ۾ 3 ڏينهن وارو بينظير ڀٽو ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ پڄاڻي تي پهتو

مٺي: مٺي ۾ سنڌ سرڪار جي لائو اسپورٽس ايسوسيئشن طرفان ڪرايل 3 ڏينهن وارو شهيد بينظير ڀٽو ميموريل ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ پڄاڻي تي پهتو. ٽورنامينٽ ۾ ٿر توڙي ٻاهر کان آيل 16 ٽيمن حصو ورتو، آخري ڏينهن تي عمرڪوٽ، جهڏو، امرمنيش، حيدرآباد عمرڪوٽ، ڪلوئي، حيدرآباد ۽ ڪلوئي جي ٽيمن ۾ مقابلو ٿيو، جن مان فائينل ۾ ٻين ٽيمن کي شڪست ڏئي حيدرآباد ڪرڪيٽ ڪلب ۽ ڪلوئي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ فائنل ٿيو، دلچسپ مقابلي کانپو ڪلوئي ڪلب ٽيم کي شڪست ڏئي حيدرآباد ڪلب ٽيم ميچ پنهنجي نالي ڪري ورتو. فائنل ۾ اسپورٽس بابت وڏي وزير جي صلاحڪار ارباب لطف الله جي ڀا ارباب امير امان الله شرڪت ڪئي، جنهن ونر ٽيم حيدرآباد کي ڪپ ۽ روڪ انعام ڏنا. مين آف دي ميچ جاوا ۽ مين آف دي سيريز زوراور کي ڏنو ويو. فائنل ۾ مهمان خاص ارباب امير امان الله، ڀڳت ماتورام، ارباب ذوالفقار، فدا حسين شاھه. سبحان سميجو، هاشم نهڙيو، شفقت شاهھ، رمضان جوڻيجو، عبدالرحمان بجير، محبوب سمون ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اڳواڻن چيو ته هر سال ٽورنامينٽ رکرائي راندين کي هٿي ڏيڻ گهرجي. ميچ جا آرگنائيزر اشرف کوکر، اڪرم لاهوتي، معشوق عمراڻي، ڊاڪٽر انيل شرما، اسلم بجير ۽ وير وڪرم چوهاڻ هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button