پاڪستانسنڌ

مسڻ وڏي ۾ گٽر اٿلي پيا، گندو پاڻي روڊن تي جمع

مسڻ وڏي: مسڻ وڏي ۾ گٽر ۽ ناليون اٿلي پيون، جنهن سبب گندو پاڻي روڊن تي جمع ٿي ويو. شهر جي اڳوڻي مسلم ڪمرشل بئنڪ، جامعه مسجد، مسڻ ٿاڻي جي گھٽي، ڪنڀار پاڙي ڀرسان روڊ ۽ پراڻي بازار ۾ پاڻي بيهي رهيو، جنهن سبب نمازين توڙي خريدارن کي پريشاني ٿيڻ لڳي. 3 مهينن کان صفائي نه ٿيڻ سبب هر هنڌ گندگي جا ڍير لڳي ويا آهن ۽ شهري ڌپ جي آزار ۾ آهن، رهواسي هاڻ پاڻ گٽر نالين ۽ شھر جي صفائي ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. ان حوالي سان ٽي ايم جهنڊو مري ۽ ضلعي انتظاميا اکيون پوري ڇڏيون آهن. رهواسين شوڪت الزمان لغاري، آزاد قاصر، ملاح علاُُودين خان، وقاص احمد ۽ ٻين ايم اين اي ذوالفقار ستار بچاڻي، ايم پي اي امداد پتافي، ڊي سي ولي محمد بلوچ ۽ ٽي ايم او جھنڊو مري کان مطالبو ڪيو ته گٽر نالين سميت شھر جي صفائي ڪرائي سهولتون ڏنيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button