پاڪستانسنڌ

ڊگهڙي ۾ ڀاڻ جي ڊيلرن ۽ انتظاميا خلاف ايس ٽي پي جي ريلي

ڊگھڙي: ڊگهڙي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي طرفان زرعي ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ، ڊيلرن جي من مستي ۽ انتظاميا جي خاموشي خلاف ريلوي ڦاٽڪ کان ريلي ڪڍي محمدي چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري کي ايس ٽي پي ضلعي صدر مير يونس ٽالپر، محبوب علي دل، ٽيل آبادگار ايسوسيئيشن جي اڳواڻ نصير احمد رمداڻ، پرويز نوحاڻي، شڪيل ڇڄڙو، سنڌ آبادگار اتحاد جي ضلعي صدر چوڌري سيف الله گل، ڪاشف اڪبر جوڻيجو، مانو مل سنڌي، ٺارو نوحاڻي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ڪڻڪ جي پوکي جي وقت ڊيلر مافيا ۽ انتظاميا جي ملي ڀڳت سان ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪيو پيو وڃي، جيڪو آبادگار ۽ هارين سان ظلم آهي، ڊيلر مافيا وڏن آبادگارن ۽ پنهنجي من پسند ماڻھن کي ڀاڻ ڏئي رهي آهي، ڊيلر مافيا آبادگارن جي مجبوري جو ناجائز فائدو وٺي رهي آهي، ان باوجود انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل آهي. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ڊيلر مافيا خلاف ڪارروائي ڪري آبادگارن کي ڀاڻ ۽ فصلن جا مناسب اگھه ڏنا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button