اسلام آبادپاڪستان

پي ٽي آ جا ماڻهو ثبوتن سميت پڪڙيا ويا،ڪميشن نوٽيس وٺي:بلاول

ڪراچي:پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته پشاور ۾ پولنگ کان اڳ پي ٽي آئي جا ماڻهو بيلٽ پيپرز تي ٺپا هڻندي ثبوتن سميت پڪڙيا ويا. ڊيرا اسماعيل خان ۾ اي اين پي جي اميدوار کي پولنگ کان هڪ ڏينهن اڳ قتل ڪيو ويو. مقتول جي وارثن پي ٽي آئي وزير تي الزام مڙهيو ته رشوت ڏيڻ جي ڪوشش کان پوءِ هي قتل ٿيو. ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو ته پشاور ۾ سڄو ڏينهن پي ٽي آئي پاران پولنگ اسٽيشنز ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ عورتن سميت پولنگ جي عملي تي حملن جون خبرون اينديون رهيون. پي ٽي آئي جون حرڪتون هڪ غير مقبول حڪومت کي ظاهر ڪن ٿيون. تشدد ۽ ڌانڌلي جي سهاري پي ٽي آئي عوام جي چونڊ ڪرڻ جي عمل جي حيثيت گهٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هن چيو ته اسان اليڪشن ڪميشن جا منتظر آهيون ته هو ڌانڌلي جي خلاف ايڪشن وٺي ۽ صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائي. اسان خيبرپختونخوا جي عوام کي اپيل ڪريون ٿا ته پي ٽي آئي جي چالاڪين سان رڪجڻ جي ضرورت نه آهي، عوام پنهنجي ووٽ سان پي ٽي آئي کي شڪست ڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button