پاڪستانسنڌ

نوري آباد ۾ پالارين جو ڪٺ، ملڪ اسد سڪندر کان رستا ڌار ڪرڻ جو اعلان

نوري آباد: سنڌ ڌرتي جي مهمان نواز خطي ڪوهستان جي زمين، پنهنجي حقن ۽ وسيلن جي مالڪي لاءِ ڌڻي جاڳي پيا. سنڌ پالاري اتحاد جي سڏ تي نوري آباد ۾ پالارين جو ڪٺ ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ سڄي ملڪ مان ماڻهو قافلن جي صورت ۾ شريڪ ٿيا. اڳواڻن ايم پي اي ملڪ اسد سڪندر سان پنهنجا رستا الڳ ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي هزارين ماڻهن جي اجتماع کي سنڌ پالاري اتحاد جي صدر ڊاڪٽر انور پالاري خطاب ڪندي چيو ته برادري جي اڄوڪي جلسي جو ڪارڻ هتان جي ڀوتار ايم پي اي ملڪ اسد سڪندر پاران تاريخي يوسف ڳوٺ جي زمين خريد ڪرڻ ۽ هٿياربند ويهاري ڳوٺ خالي ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ آهي، جنهن ۾ ڳوٺاڻن جا رستا بند ڪيا ويا آهن، اسان مجبور ٿي قبضو ختم ڪرايو، ملڪ اسد سڪندر اسان جي برادري جي معزز شخصيتن جي ميڙ کي مان نه ڏنو ۽ چيو ته اوهان جي راڄ جي منٿ ميڙ اچڻ تي ڳوٺ جي 11 ايڪڙ زمين مان 5 ايڪڙ زمين ڏئي سگهان ٿو، ان لاءِ به منهنجو هڪ پارٽنر نه ٿو مڃي. هن چيو ته مرنداسين، مارينداسين پر پنهنجي ڳوٺ جي زمين ڏيڻ نه ڏينداسين، نيٺ اسان ان زمين قبضو خالي ڪرايو، ان عيوض غلامي جون زنجيرون ٽوڙائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، اهڙي عمل ۾ علائقي جي برادري جي ماڻهن ۽ حاجي رمضان پالاري ساٿ ڏنو، هاڻ ڪنهن به غريب کي لٽڻ نه ڏينداسين، 200 کان وڌيڪ انڊسٽري ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار نه ڏنو ويو ته حق کسي وٺنداسين، مقامي ماڻهن کي پورهئي عيوض گهٽ معاوضو ملي ٿو، ڄامشورو کان ڪراچي تائين ماڻهن کي صحت جي سهولت ناهي، انڊسٽري ايريا ۾ اسڪول، صحت، بجلي، گئس ۽ روڊ رستن جي ڪابه سهولت ناهي، هاڻي وارثي ڪئي آهي، اوهان گڏ ٿيا آهيو، ڀوتارن جا ڪوٽ ڪري پيا آهن. ان کان اڳ پالارين جي چڱي مڙس غلام سرور پالاري خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد جي وچ ۾ وڏي اهميت رکندڙ ڪوهستان واسي هڪ رياست اندر ڀوتارن جي قبضي ۾ رهيا هئا، علائقي جي ماڻهن کي ڪي به سهولتون ناهن، پنهنجي اولاد کي تعليم ڏياريو. رياست جي رٽ کي چئلينج ڪندڙ ڀوتارن جي بربيت واري هٿرادو قانون ۾ جڪڙيو ويو آهي. حاجي محمد رمضان پالاري خطاب ڪندي ايم پي اي ملڪ اسد سڪندر کي مخاطب ٿيندي چيو ته هاڻ پالارين جي غلامي جو وقت گذري ويو آهي، هاڻ اسان متحد آهيون، هتان جو رهواسي نه رڳو پالاري پر هر قبيلو سجاڳ ٿي چڪو آهي. هن ملڪ اسد سڪندر کي مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن به فرد ڏانهن اوهان جو قرض هجي ته نشاندهي ڪئي وڃي ته جيئن اهو قرض ادا ڪيو وڃي. در محمد پالاري ڳالھائيندي چيو ته ڳوٺ يوسف پالاري تي ملڪ اسد سڪندر جي ماڻهن چڙهائي ڪري عورت ۽ ٻارن تي تشدد ڪيو، ظلم جا پهاڙ ڪيرايا، اسان جي شڪايتن باوجود ملڪ اسد سڪندر تدارڪ نه ڪيو، مورڳو ئي ڳوٺ جي زمين خريد ڪري ورتي. ڊاڪٽر علي دوست پالاري خطاب ڪندي چيو ته آئون ملڪ اسد سڪندر جو ٿورائتو آهيان، جنهن اسان جي ماڻهن تي تشدد ڪيو، جنهن جي ڪري اسان متحد ٿيا آهيون. ڪٺ کي ڊاڪٽر شريف پالاري، شير علي پالاري، شيخ عبدالله ڪوهستاني، بابو خان پالاري، اياز قمر پالاري، چاڪر خان پالاري، گلشير پالاري، مٺو خان پالاري، ڪلو خان پالاري، عباس پالاري، بادل پالاري، عبدالجبار، خدابخش پالاري، جهانگير پالاري ۽ ٻين خطاب ڪيو. جلسي ۾ اعلان ڪيو ويو ته اتحاد جو ڪنهن به سياسي پارٽي سان تعلق ناهي، يوسي، ڪائونسل، ميونسپل، ضلعي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ ميمبرن جي چونڊ ۽ اسان لاءِ مسئلن جو حل پهرين ترجيح آهي. غريب ماڻهن جي هر جائز مدد ڪئي ويندي، ان سلسلي ۾ فنڊ جو قيام عمل ۾ آندو ويندو، جنهن لاءِ 5 رڪني ڪميٽي جوڙي ويندي. هنن گهر ڪئي ته ڪوهستان جي ونڊ پاور پلانٽ، نوري آباد، جهمپير ۽ ٻين ادارن ۾ اسان جي نوجوانن ۽ مقامي ماڻهن کي نوڪريون ڏنيون وڃن. اسان جي زمينن ۽ ندين مان ريتي ۽ بجري سميت ٻين معدني وسيلن تان ڀتا خوري بند ڪئي وڃي. ايم نائين موٽر وي جي ٻنهي پاسن کان ٿيندڙ قبضا ختم ڪيا وڃن. ڪوهستان ۾ سرڪاري زمينن ۽ کاتي جي زمينن جي رڪارڊ ۾ ٿيل هيراڦيري جي جاچ ڪري ملوث ماڻهن ۽ ڪامورن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button