اسلام آبادپاڪستان

افغان شهرين کي اپيل آهي ته 3 مهينن ۾ افَغانستان هليا وڃن:فواد چوڌري

اسلام آباد:سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته افغان شهرين کي اپيل ٿا ڪيون ته 3 مهينن ۾ پنهنجي ڏيهه واپس هليا وڃن. ڪالهه هڪ انٽرويو ۾ فواد چوڌري چيو ته هن وقت پاڪستان ۾ لڳ ڀڳ 3 لک افغان شهري موجود آهن، اهي پنهنجي ڏيهه هليا وڃن. اسان انهن کي يقين ڏياريون ٿا ته پاڪستان سندن مدد ڪندو. بارڊر کوليو ته وڌيڪ افغاني پاڪستان اچي ويندا. هن چيو ته افغان شهرين کي ٽريڪ اينڊ ٽريس ڪري سگهجي ٿو، اميد آهي ته او آءِ سي اجلاس مان افغانين لاءِ بهتر پيغام ايندو. چاهيون ٿا افغانستان بابت هڪ فنڊ تيار ڪيو وڃي، جنهن ۾ اسلام ملڪ حصو وجهن ۽ افغانستان جي مدد ڪن. اهڙي مدد سان انساني بحران ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. سندس چوڻ هو ته ننڍي چونڊ ۾ سٺي ريت انتظام نه ڪري سگهياسين، حڪمران پارٽي جو چونڊ هارائڻ فڪر جي ڳالهه آهي. تحريڪ انصاف کي اليڪشن پاليسي رويو ڪرڻ جي ضرورت آهي. الزامن جي راند بدران اسان کي پنهنجون ڪوتاهيون ختم ڪرڻ گهرجن. مڪاني چونڊون اچي رهيون آهن، ايندڙ اليڪشن جي تياري به ڪرڻي آهي. اليڪشن پاليسي کي بهتر ڪرڻو پوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button