اسلام آبادپاڪستان

افغانستان جو معاشي بحران خطي لاءِ تباهي ثابت ٿيندو:شاهه محمود قريشي

اسلام آباد:پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان جي معاشي بحران جا خطي تي تمام خراب اثر پوندا، مسئلي تي مسلم ملڪ ۽ عالمي دنيا ڪردار ادا ڪري. ڪالهه او آءِ سي جي اجلاس کي خطاب ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ ماڻهو کاڌ خوراڪ جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن. هي اجلاس افغانستان جي مسئلن بابت آگاهي ڏيڻ جي لاءِ آهي. غير معمولي اجلاس جي لاءِ او آءِ سي جي پاڪستان تي اعتماد تي خوشي ٿي آهي. 40 سال اڳ پاڪستان افغانستان لاءِ اهڙو ئي هڪ اجلاس ڪوٺايو هو، هي اجلاس افغانستان جي بقا لاءِ آهي. هن چيو ته افغانستان جو معاشي بحران خطي جي لاءِ تباهي ثابت ٿيندو. ورلڊ فوڊ پروگرام افغانستان ۾ خوراڪ جي مسئلي جي نشاندهي ڪري چڪو آهي. دنيا هر شئي کان مٿانهين ٿي افغانستان مسئلي تي اڳتي وڌي. پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر افغانستان ۾ انساني بحران جي حل لاءِ سرگرم آهي. سندس چوڻ هو ته افغانستان کي انساني الميي کان بچائڻ جي لاءِ مسلم ملڪ ۽ عالمي دنيا پنهنجو ڪردار ادا ڪري. افغانستان جي معاشي حالتن تي دنيا جو ڌيان ڇڪائڻ چاهيون ٿا. هن وقت افغانستان جي اڌ آبادي کي خوراڪ جي کوٽ جو مسئلو آهي، افغانستان جو معاشي بحران خطي کي تمام گهڻو متاثر ڪندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button