پاڪستانخيبرپختونخوا

وفاقي وزير شبلي فراز جي گاڏي تي فائرنگ، ڊرائيور ۽ پوليس اهلڪار زخمي

پشاور: سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير شبلي فراز جي گاڏي تي فائرنگ ڪئي وئي پر خوش قسمتي سان محفوظ رهيو پر سندس اسڪواڊ ۾ شامل هڪ پوليس اهلڪار ۽ ڊرائيور زخمي ٿي پيا. رپورٽ مطابق وفاقي وزير شبلي فراز اباڻي علائقي ڪوهاٽ کان پشاور وڃي رهيو هو ته دره آدم خيل وٽ اڻڄاتل جوابدارن سندس گاڏي تي فائرنگ ڪري ڏني. حملي ۾ وفاقي وزير محفوظ رهيو پر ان جو گارڊ ۽ ڊرائيور زخمي ٿي پيا، جڏهن ته واقعي کانپوءِ پوليس به اتي پهچي وئي. اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ سبب گاڏي جا شيشا ٽٽي پيا. واقعي کانپوءِ شبلي فراز جو چوڻ هو ته الحمدالله محفوظ آهيان پر ڊرائيور زخمي آهي، کيس علاج لاءِ پشاور نيو پيو وڃي. ڊي آ جي ڪوهاٽ طاهر ايوب مطابق واقعي ۾ شبلي فراز محفوظ رهيو، ساڻس گڏ ڪوهاٽ پوليس جو سيڪيورٽي اسڪواڊ به موجود هو، فائرنگ سان پوليس اهلڪار معمولي زخمي ٿي پيو، واقعي جي جاچ جاري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button