پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ ٽرالر روڪي ڀاڻ ڦر ڪرڻ خلاف هڙتال، ڊيلرن جي ريلي

ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ زراعت کاتي جي عملي سان ملي ڀڳت سان ڀاڻ جي ٽرالرن کي روڪي ڀاڻ ڦر ڪرڻ وارن واقعن خلاف آل پاڪستان ڊيلرز ايسوسيئيشن ميرپورخاص جي سڏ تي ڊيلرن دڪانن جي تالابندي ڪري هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي چيئرمين راجا سرفراز خان قائمخاني، صدر اوم پرڪاش، عابد حسين، جاويد ظفر، مختيار احمد، جاويد پنهور، ٽيڪم مالهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي واپاري اڳواڻن چيو ته زراعت کاتي جو عملدار گهرام بلوچ ڪجهه ڏينهن کان شرپسند ماڻهن هٿان ڀاڻ جا ٽرالر روڪرائي ڀاڻ ڦر ڪرائي رهيو آهي، اهڙي عمل سان سڄي ضلعي جا ڊيلر غير محفوظ بڻيل آهن، هڪ سازش تحت ڀاڻ جي ڊيلرن کي نشانو بڻائي سندن روزگار سان کيڏيو پيو وڃي. هنن وڌيڪ چيو ته مختلف طريقن سان ڊيلرن کي حراسان ڪرڻ خلاف سڄي ضلعي ۾ 200 دڪانن جي تالابندي ڪري پرامن احتجاج ڪري رهيا آهيون، زرعي کاتي جي عملدار گهرام بلوچ اسان ڊيلرن خلاف رڻ ٻاري ڇڏيو آهي، اهڙي عمل سبب اسان کي روز لکين رپين جو نقصان پهچي رهيو آهي. اسان سنڌ جي وڏي وزير، صوبائي وزير زراعت ۽ ٻين کان مطالبو ڪريون ٿا ته عملدار جي زيادتين جو نوٽيس وٺي ڪرپٽ ڪاموري گهرام بلوچ کي هٽائي ڊيلرن سان ٿيندڙ زيادتين جو ازالو ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button