پاڪستانڄامشوروسنڌ

سنڌي ادبي بورڊ طرفان شهيد ذوالفقار ڀٽو جديد لائبريري ٺاهڻ جو اعلان

ڄامشورو:سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان عاطف پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته تاريخ ۾ جڏهن شخصيتن جو ذڪر ٿيندو، اتي عوام جي دلين تي راڄ ڪندڙ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ذڪر ضرور نڪرندو. کيس خراج پيش ڪرڻ لاءِ سنڌي ادبي بورڊ طرفان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي نالي منسوب هڪ جديد لائبريري جي قيام جو اعلان ڪجي ٿو. جيڪا حيدرآباد جي شمس العلماء عمر بن دائود پوٽو لائبريري، دادو جي علاما آء آء قاضي پبلڪ لائبريري، لاڙڪاڻي جي شهيد شاهنواز ڀٽو پبلڪ لائبريري ۽ ڪراچي جي لياقت نيشنل لائبريري جي طرز تي هوندي. هن کي هڪ جديد لائبريري طور ٻوليءَ، ادب ۽ تاريخ سوڌو مختلف موضوعن جي ڪتابن ۽ مسودن واري مواد لا جديد گهرجن تحت پورو ڪيو ويندو. لائبريري لاءِ سنڌي ادبي بورڊ جي مهاڳي ۾ پيل زمين سنڌ يونيورسٽي کان حاصل ڪري ان تي هڪ خوبصورت عمارت اڏي ويندي. جتي نه رڳو لائبريري پر علم پرور، پي ايڇ ڊي ۽ سنڌ جي اديبن جي رهائش لاءِ شهيد بينظير ڀٽو جي نالي سان هڪ هاسٽل جو پڻ سنگ بنياد رکيو ويندو. سنڌ حڪومت کان گهر ڪيون ٿا ته زمين جي حاصلات ۽ تعميرات ڪم جي ٻنهي منصوبن ۾ سنڌي ادبي بورڊ سان سهڪار ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button