اسلام آبادپاڪستان

ن ليگ وارا پالش کڻي بيٺا آهن پر ڪير ُبوٽ اڳيان نه پيو ڪري:فواد چوڌري

اسلام آباد:اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته جيڪي ماڻهو وطن واپسي لاءِ ڊيل جو انتظار ڪن، اهي سياست ۾ سدائين لنگڙا ئي رهندا. (ن) ليگ وارا بوٽ پالش جو سامان کڻي بيٺل آهن، رڳو ڪير بوٽ اڳيان نه ڪري رهيو آهي. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته توهان (ن ليگ) پاڪستان جو اونداهو دور آهيو، هوائن جو رخ هاڻي توهان جو نه آهي. روشني ٿي وڃي ته اونداهي ختم ٿي وڃي ٿي ۽ پاڪستان ۾ اهو ئي ٿيو آهي. چوڌري فواد قائداعظم محمد علي جناح جي پيدائش جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح پنهنجي اڻٿڪ محنت ۽ بااصول سياسي جدوجهد سان اسان کي آزاد ملڪ جو تحفو ڏنو. قائداعظم محمد علي جناح پاڪستان جي صورت ۾ اهڙي رياست جي جوڙجڪ ممڪن بڻائي جتي رنگ ۽ نسل، مذهبي، لساني ۽ ڪنهن فرق کانسواءِ سمورن شهرين کي زندگي گذارڻ ۽ ترقي جا هڪ جهڙا موقعا حاصل هجن. هن چيو ته اسان کي فرقيواريت ۽ شدت پسندي جهڙن ملڪ دشمن عنصرن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري هڪ متحد قوم جي حيثيت سان اڳتي وڌڻو پوندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته باباءِ قوم جي پيدائش جي ڏهاڙي تي اسان ان عزم کي ورجايون ٿا ته پاڪستان کي هڪ مثالي ملڪ بڻائينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button