مقصودو رند: مقصودو رند ۾ لوري برادري جي ماڻهن نديم لوري، محمد بخش لوري ۽ نويد لوري جي اڳواڻي ۾ بااثرن جي زيادتن خلاف نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن دانهيندي چيو ته ڪجهھ ڏينھن اڳ ڳوٺ خيرو رند ۾ اسان رستي تان لنگھي رھيا ھئاسين ته بااثر شاھنواز رند ۽ سندن پٽن اسان جي رستا روڪ ڪئي ۽ گارگند ڪري حملو ڪري 3 ماڻھو زخمي ڪيا، جوابدارن عورتن کي به ڌڪ ھنيا، اھڙي ناانصافي جي دانھن کڻي درياءَ خان رند ايٽ مقصودو رند پوليس ٿاڻي تي پھتاسين ته پوليس اهلڪارن اسان سان بدتميزي ڪئي ۽ ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍي ڪيس وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ايس ايڇ او خادم راڄپر بااثرن سان ٻٽ بڻيل آهي، جوابدار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. ھنن ڊي آ جي شھيد بينظيرآباد ۽ ايس ايس پي سانگھڙ کي اپيل ڪئي ته بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close