اسلام آبادپاڪستان

سال 2021 عوام لاءِ تبديلي سرڪار جو سڀ کان مهانگو ترين سال ثابت ٿيو

اسلام آباد :وفاقي ڳڻپ واري کاتي جو چوڻ آهي ته سال 2021 عوام جي لاءِ تبديلي سرڪار جو سڀ کان مهانگو سال ثابت ٿيو آهي. هن سال ۾ ضروري شين جي اگهن ۾ تمام گهڻي وڏي واڌ ٿي. وزير اعظم عمران خان ۽ وزيرن جون وڏيون وڏيون دعوائون، تقريرون ۽ بيان ڪجهه به ڪم نه آيا، تبديلي سرڪار عوام کي مهانگي جي شڪل ۾ وڏا تحفا ڏنا. هن سال تاريخي مهانگائي جي ڪري عوام وڏي عذاب ۾ مبتلا رهيو، هر مهيني مهانگائي جي وڌندڙ شرح نومبر ۾ 11 ڏهائي 5 سيڪڙو جي سطح تي پهچي وئي، ائين مهانگائي 2021 کي الوداع ڪيو. انگن اکرن موجب فيبروري 2021 دوران مهانگائي جو پارو 8 ڏهائي 7 سيڪڙو ۽ مارچ ۾ 9 ڏهائي هڪ سيڪڙو تائين پهچي ويو، پوءِ اپريل ۾ شرح سال جي ٻي بلند ترين سطح 11 ڏهائي هڪ سيڪڙو تي پهتي. ڳالهه اتي ختم نه ٿي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر نومبر ۾ مهانگائي سال جي بلند ترين سطح 11 ڏهائي 7 سيڪڙو تي پهچي وئي. ان دوران اٽو، کنڊ، گيهه، داليون، صابڻ ۽ شيمپون سميت هر روز استعمال ۾ ايندڙ سموريون شيون مهانگيون ٿينديون رهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button