پاڪستانسنڌ

مسوڀرگڙي لڳ تيزرفتار مزدا وڻ سان ٽڪرائجي وئي، 2 ڄڻا زخمي

مسوڀرڳري: مسوڀرگڙي لڳ نيشنل ھاءِ وي لطيف شاهه موري وٽ تيزرفتار مزدا وڻ سان ٽڪرائجي وئي، ڊرائيور سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، خبر موجب مسوڀرڳڙي لڳ نيشنل ھاءِ وي ٻڍاڻي ٿاڻي جي حد لطيف شاهه موري وٽ منرل واٽر پاڻي سان ڀريل لاڙڪاڻي کان حيدرآباد ويندڙ تيزرفتار مزدا ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري روڊ جي پاسي ۾ بيٺل وڻ سان ٽڪرائجي وئي.

جنهن جي نتيجي ۾ مزدا ڊرائيور فيصل ولد سليم ۽ نعمان سخت زخمي ٿي پيا. جنھن کي فوري طور تي مقامي ماڻهن ۽ ٻڍاڻي ٿاڻي جي پوليس سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. جڏھن ته زخمي ٽنڊو غلام علي جا رھواسي ٻڌايا پيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button