اسلام آباد :مريم نواز ۽ پرويز رشيد جي هڪ ٻي آڊيو ٽيپ منظرعام تي اچي وئي آهي. رپورٽ موجب نوازليگ جي نائب صدر مريم نواز ۽ پرويز رشيد جي هڪ ٻي آڊيو ٽيپ منظرعام تي اچڻ تي مملڪتي وزير فرخ حبيب نوازليگ تي سخت تنقيد ڪئي آهي ۽ چيو ته نوازليگ ميڊيا کي دٻا ۾ رکڻ لا ايئن ڪندي آهي. نوازليگ ميڊيا کي بليڪ ميل ڪرڻ جو وسيع تجربو رکي ٿي.آڊيو ۾ ٻئي ڄڻا ڪجهه صحافين جي جانبداري بابت ڳالهائي رهيا آهن. پرويز رشيد چئي رهيو آهي ته حسن نثار جيڪو نوازليگ کي گاريون ڏيندو آهي، ان کي پروگرام اسڪور ڪارڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ان تي مريم چوندي آهي ته اينڪر ارشاد ڀٽي به ان ۾ شامل آهي. پرويز رشيد به چوندو آهي ته ارشاد ڀٽي به نوازليگ لا گندي ٻولي استعمال ڪندو آهي. هو صحافي مظهر عباس بابت به ڳالهائيندو آهي. ان شو ۾ ڪو به اسان جو ترجمان ناهي، بابر ستار به آزاد را رکي ٿو. حفيظ نيازي اسان سان به اهو رويو رکي ٿو جيڪو عمران خان لا آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close