پاڪستانپنجاب

ٽوبا ٽيڪ سنگهه ۾ گئس ليڪ ٿيڻ سبب گهر کي باهه،7 ڄڻا سڙي فوت

ٽوبا ٽيڪ سنگهه : پير محل جي ڏوراهين ڳوٺ ۾ گئس ليڪيج سبب گهر ۾ باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا. جڏهن ته 3 زخمي ٿي پيا. ڪالهه افسوسناڪ واقعو پير محل جي ڏوراهين ڳوٺ ۾ پيش آيو، جتي محمد حسين نالي شخص جي گهر ۾ باهه لڳي وئي. گهر جي هڪ ڪمري ۾ 10 ماڻهو موجود هئا، جن مان 7 موقعي تي ئي فوت ٿي ويا. فوت ٿي ويلن ۾ سڪينا بي بي، مافيا بي بي، عذرا، وحيد، حمزه وحيد، آمنا وحيد، افشان وحيد ۽ رشيد شامل آهن. جڏهن ته 3 زخمين محمد حسين ۽ وحيد کي تعلقي هيڊ ڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار ٽوبا ٽيڪ سنگهه ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب قيمتي انساني جانين جي نقصان تي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ واقعي ۾ فوت ٿي ويلن جي وارثن سان دلي همدردي جو اظهار ۽ تعزيت ڪئي. هن چيو ته باهه ۾ قيمتي انساني جانين جي نقصان تي دلي صدمو پهتو آهي. فوت ٿي ويلن جي وارثن سان ڏک جي هن گهڙي ۾ برابر جا شريڪ آهيون. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار واقعي جي باري ۾ انتظاميا کان رپورٽ طلب ڪندي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button