پاڪستانپنجاب

اميد آهي ته اليڪشن ڪميشن پي ٽي آ وانگر پ پ ۽ نوازليگ جي به ڇنڊڇاڻ ڪندي:وزيراعظم

اسلام آباد/ڊيرا اسماعيل خان:وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن طرفان پ پ ۽ ن ليگ جي به پي ٽي آءِ جيان فنڊنگ جي ڇنڊ ڇاڻ جو منتظر آهيان. ڪالهه ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته پي ٽي آءِ فنڊنگ تي اليڪشن ڪميشن جي ڇنڊ ڇاڻ جي آجيان ٿو ڪيان. اڪائونٽن جي جيتري جاچ ٿئي، قوم لاءِ ايتريون ئي حقيقتون واضح ٿينديون. خبر پوندي ته پي ٽي آءِ اڪيلي جماعت آهي، جنهن جو بنياد شفاف فنڊ ريزنگ تي آهي. هن چيو ته پ پ ۽ ن ليگ جي به اهڙي ئي ڇنڊ ڇاڻ جو منتظر آهيان. قوم حقيقي سياسي فنڊ ريزنگ، مفادن ۽ ڀتي خوري جو فرق ڏسندي. ٻئي طرف هڪلا- ڊيرا اسماعيل خان موٽر وي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ماضي ۾ روڊن جي اڏاوت ۾ ڪرپشن ڪئي وئي پر ان جو ڪو ثبوت نه ڇڏيو ويو. هن چيو ته اڄ جي ڀيٽ ۾ 2013 ۾ روڊن جي اڏاوت تي ٻيڻو خرچ ڪيو ويو، جيڪڏهن پئسو چوري نه ٿئي ها ته وڌيڪ روڊ ٺهن ها. وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ماضي ۾ روڊن جي اڏاوت ۾ ڪرپشن ڪئي وئي پر ان جو ڪو ثبوت نه ڇڏيو ويو، گهٽ ۾ گهٽ ارب هزار ارب رپيا ماڻهن جي کيسن ۾ ويا. سوچيو ڪيس نيب ۾ ڏيون پر انهن اهڙو ڪم ڪيو جو جيڪڏهن عدالت ۾ وينداسين ته چوندا سڀني ضابطن ۽ طريقي ڪار تي عمل ڪيو ويو. وزيراعظم عمران خان دعويٰ ڪئي ته اها 2013 جي ڀيٽ ۾ ٻيڻا پر اڌ قيمت تي روڊ ٺاهيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button