اسلام آباد :اسلام آباد ڀرسان پنجاب جي علائقي مري ۾ شديد برفباري سبب هزارين ماڻهو روڊن تي ڦاسي پيا، سخت سيءَ ۽ ساهه منجهڻ سبب هڪ ئي خاندان جي 8 ڄڻن سميت 22 ڄڻا فوت ٿي ويا. بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو. موبائل، انٽرنيٽ سروس معطل ٿيڻ سبب سياحن کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي ويو. مري پهتل ڪيترائي خاندان گاڏين ۾ محدود ٿي ويا. مري ۾ طوفاني برفباري بعد پارو ٻڙي تي پهچي ويو. مري ۾ سياحن جو وڏو انگ برفباري جو نظارو ڪرڻ لاءِ پهتو جتي هڪ لک کان وڌيڪ گاڏيون مري ۽ گليات ۾ داخل ٿيون جنهن سبب ٽريفڪ جو نظام درهم برهم ٿي ويو. اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي انتظاميا سياحن جي گهڻي رش سبب جاڙن شهرن کان مري ڏانهن ويندڙ رستا بند ڪري ڇڏيا. انتظاميا جو چوڻ آهي ته مري ويندڙ رستا آچر تائين بند رهندا. انتظاميا طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته واقعي ۾ اسلام آباد پوليس جو 49 ورهين جو اي ايس آءِ ۽ ان جي خاندان جا 7 ڀاتي به فوت ٿي ويا، جن ۾ اي ايس آءِ جي 43 ورهين جي گهرواري، سندس 4 ڌيئرون ۽ 2 پٽ شامل آهن. سانحي ۾ هڪ ٻئي خاندان جا 5 ڄڻا به فوت ٿي ويا، جن ۾ 46 ورهين جو محمد شهزاد پٽ اسماعيل، ان جي گهرواري ۽ 3 ٻار شامل آهن. ٻين فوت ٿيلن ۾ ڪمال آباد سان واسطو رکندڙ 27 ورهين جو زاهد پٽ ظهور، گوجرانوالا سان واسطو رکندڙ 31 ورهين جو اشفاق پٽ يونس عمر، لاهور واسي 31 ورهين جو معروف پٽ اشرف به شامل آهن. مري انتظاميا موجب 22 ورهين جو اسد پٽ زمان شاهه، 21 ورهين جو بلال پٽ غفار عمر، 24 ورهين جو محمد بلال حسين پٽ سيد غوث خان به سانحي ۾ زندگي جي جنگ هارائي ويا. هوڏانهن گهر وزير شيخ رشيد ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ فوج ۽ سول آرمڊ فورسز کي طلب ڪري ورتو ۽ مري ۾ فضائي آپريشن جي تياري شروع ڪئي وئي آهي. ضلعي انتظاميا جي ترجمان موجب مري ۾ ٽريفڪ ۾ ڦاٿل 23 هزار کان وڌيڪ گاڏين کي ڪڍيو ويو آهي، جڏهن ته اڃا به سوين گاڏيون ڦاٿل آهن.مري ۾ لاڳيتو پوندڙ برسات ۽ برفباري کان پوءِ هنگامي موسمي صورتحال کي ڏسندي سياحن ۽ شهرين جي سهوليت ۽ رهنمائي لاءِ ڊپٽي ڪمشنر راولپنڊي آفيس ۾ ڪنٽرول روم قائم ڪري ڇڏيو آهي. ڊپٽي ڪمشنر راولپنڊي ۽ سي پي او راولپنڊي سموري انتظامي ڪاررواين جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي. اسسٽنٽ ڪمشنر سٽي ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ڪوٽلي پهريان کان مري ۾ موجود آهن. هنگامي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ريسڪيو 1122، سول ڊفينس ۽ صحت کاتي جون ٽيمون جوڙيون ويون آهن جيڪي مري ۾ سياحن جي مدد ۾ مصروف آهن. جڏهن ته مري ۾ 70 سيڪڙو بجلي جي سپلاءِ بحال ڪئي وئي آهي. هوڏانهن وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد وڊيو بيان ۾ 16 کان 19 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. گهرو وزير شيخ رشيد احمد سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته گذريل 12 ڪلاڪن جي سخت محنت باوجود هزارين سياح مري ۾ ڦاٿل آهن، سياحن کي ڪڍڻ لاءِ سول آرمڊ فورسز کان مدد طلب ڪئي وئي آهي ۽ رات کان هڪ هزار گاڏيون ڦاٿل آهن. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جا جوان مري ۾ امدادي ڪاررواين ۾ مصروف آهن، جهيڪا گلي ۽ گهاريال روڊ کي ٻيهر کوليو ويو آهي، جڏهن ته ايف ڊبليو او جا اهلڪار بند ٿيل ٻين رستن کي کولڻ ۾ مصروف آهن. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج مري ۾ ڦاٿل سياحن کي کاڌ خوراڪ ۽ دوائون پڻ فراهم ڪري رهي آهي ۽ کين محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪري رهي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close