پاڪستانسنڌ

اسلام ڪوٽ ۾ ٽرالر موٽرسائيڪل مٿان چڙهي ويو، هڪ ڀا فوت، ٻيو زخمي

اسلام ڪوٽ: اسلام ڪوٽ ۾ تيز رفتار ٽرالر سامهون ايندڙ موٽرسائيڪل سوار ڀائرن کي چيڀاٽي ڇڏيو، هڪ ڀا فوت ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو. رپورٽ موجب اسلام ڪوٽ ڀرسان انتهائي خوفناڪ حادثو پيش آيو. مٺي-اسلام ڪوٽ روڊ تي ميمڻ موڙ لڳ تيز رفتار ٽرالر سامهون ايندڙ موٽرسائيڪل مٿان چڙهي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار ڳوٺ ٻانڀڻيو ڀيل جو رهواسي 40 ورهين جو نوجوان لڇمڻ ولد گورڌن ڀيل ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو. جڏهن ته سندن وڏو ڀا 45 ورهين جو چيتن ڀيل سخت زخمي ٿي پيو، اطلاع تي اسلام ڪوٽ پوليس پهچي فوتي نوجوان جو لاش ۽ زخمي نوجوان کي کڻائي سرڪاري اسپتال آندو، جتان زخمي نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ مٺي سول اسپتال نيو ويو. فوتي نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. چيو وڃي ٿو ته ٻئي ڀائر موٽرسائيڪل تي ڳوٺ کان مٺي وڃي رهيا هئا ته ميمڻ موڙ وٽ ٿرڪول ڏانهن ويندڙ تيز رفتار ٽرالر موٽرسائيڪل مٿان چڙهي ويو، جنهن سبب هڪ ڀا لڇمڻ فوت ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو. ٻئي پاسي لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. هوڏانهن اسلام ڪوٽ پوليس ٽرالر ۽ ڊرائيور وسيم سولنگي کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي، حادثي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button