پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ ايور شائن ڪلب ونٽر ٽورنامينٽ کٽي ورتو

ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ ايور شائن ڪرڪيٽ ڪلب جي ٽيم پي سي بي ونٽر ڪلب ڪرڪيٽ چئمپين شپ سي سي اي ميرپورخاص جي چئمپين بڻجي وئي. فائنل ميچ ۾ وقار بلند ڪرڪيٽ ڪلب کي 8 وڪٽن تان شڪست ملي. ميونسپل اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ پاڪستان ڪرڪٽ بورڊ جي انتظام ھيٺ منعقد ٽورنامينٽ جي فائنل ميچ ۾ پھرين بيٽنگ ڪندي وقار بلند ڪرڪيٽ ڪلب ٽيم 88 رنسن تي ڍير ٿي وئي، حمزه 41 ۽ عرفان وساڻ 18 رنسون ٺاھيون. ايور شائن جي محمد ڪامران ۽ محسن ساند 4,4 رانديگر آئوٽ ڪيا. ايور شائن جي ٽيم مقرر ھدف ڏھين اوور ۾ 2 وڪٽن جي نقصان تي حاصل ڪيو، محمد وسيم 64 رنسون ٺاھي ناٽ رھيو، جڏھن ته محسن ساند 18 رنسون ٺاھيون. تقريب ۾ مھمان خاص ڊپٽي ڊائريڪٽر اسپيشل ايجوڪيشن امان الله ساند ۽ سينيئر ڪرڪيٽر وڪيل جنيد قائمخاني جو تعارف ٽورنامينٽ ڪوآرڊينٽر ۽ ھيڊ ڪوچ ميرپورخاص محمد شھباز اقبال پاران رانديگرن ۾ ڪرايو. ان موقعي تي مير عارف ٽالپر، مير جاويد ٽالپر، واحد حسين پھلواني، ڪريم وساڻ، نعيم غوري، عاطف بلوچ، دائود خان، ذوالفقار وساڻ، عمران شيخ، شعيب ڀٽي ۽ آفتاب بلوچ سميت ٻين شوقينن شرڪت ڪئي. ٽورنامينٽ جو بھترين آل رائونڊر محمد سليمان، بھترين بالر محمد آصف ۽ فائنل ميچ جو مين آف ميچ محمد ڪامران کي قرار ڏنو ويو، مھمان خاص پاران ونر ٽرافي ايور شائن جي ڪپتان نبيل احمد ۽ رنر ٽرافي وقار بلند جي ڪپتان محمد صدام کي ڏني، رانديگرن کي رقم انعام طور ڏني وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button