پاڪستانسنڌ

ڇاڇرو ۾ روڊس کاتي جي عملدارن ۽ ٺيڪيدار خلاف احتجاج

ڇاڇرو: ڇاڇرو جي ڳوٺاڻن پراوشنل روڊس کاتي جي عملدارن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي احمد علي رند، توڪلي رند، يوسف رند، هرنات، تارومل ميگهواڙ ۽ ٻين چيو ته ڳوٺ مانجھي رند ڪيسرار سمان ڏانهن ويندڙ روڊ ٽٽي تباهھ ٿي ويو آهي، روڊس کاتي جي آفيسرن جي ملي ڀڳت سان ٺيڪيدار ناقص مٽيريل استعمال ڪيو، جنهن سبب روڊ اکڙي ويو آهي، پر ڪير به نوٽيس نٿو وٺي. ڪروڙين رپين جي لاڳت سان ٺهيل روڊ اکڙڻ شروع ٿي ويو آهي، روڊ تي حادثا معمول بڻيل آهن، روڊس کاتي جي عملدارن اڳيان دانهين ٿڪي پيا آهيون. هنن محتسب اعلى ٿرپارڪر کي اپيل ڪئي ته روڊ جي انڪوائري ڪرائي ملوث روڊس کاتي جي عملدارن ۽ ٺيڪيدار کي سخت سزا ڏني وڃي. واضع رهي ته ڳوٺ آدم رند کان ڪيسراڙ ويندڙ 8 ڪلوميٽر روڊ جي ڪم ۾ ڪروڙين رپيا ڪرپشن ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button