پاڪستانسنڌ

ٿرپارڪر ۾ وڌيڪ 3 معصوم گل ڪومائجي ويا

مٺي: ٿر ۾ ٻارن جي موت وارن واقعن تي ضابطو اچي نه سگهيو، وڌيڪ 3 ٻارڙا زندگي جي جنگ هارائي ويا، مٺي سول اسپتال ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين سبب وڌيڪ 3 ٻارڙن دم ڏئي ڇڏيو، فوت ٿيل ٻارن ۾ سنڌو ڌيءَ کٽو،غلام رسول ۽ محمد عامر جا تازو ڄاول ٻارڙا شامل آھن. مٺي سول اسپتال ۾ 70 کان به وڌيڪ ٻارڙا زير علاج ٻڌايا وڃن ٿا. هلندڙ مهيني فوتي ٻارڙن جو انگ 23 ٿي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button