پاڪستانسنڌ

ملير ۾ عورت مڙس کي اغوا ڪرائي قتل ڪرائي ڇڏيو

ڪراچي: ملير ۾ عورت پنهنجي مڙس جي اغوا جو ڊرامو رچائي کيس قتل ڪرائي ڇڏيو. اينٽي وائلينٽ ڪرائيم سيل جي عملي جاچ دوران مقتول جون هڏيون هٿ ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. اي وي ايل سي جي سينيئر سپرنٽينڊنٽ پوليس محمد معروف عثمان مطابق گل محمد نالي شخص 23 سيپٽمبر 2020ع تي گم ٿي ويو هو، جنهن جو ڪيس شاهه لطيف ٽائون ٿاڻي تي 6 جولاءِ 2021ع تي داخل ڪيو ويو. درخواست تي جاچ 18 نومبر تي اي وي سي سي ٽرانسفر ٿي، جاچ آفيسر اصل جوابدارن کي گرفتار ڪيو ۽ جوابدار جي نشاندهي تي مقتول جون هڏيون خوشاب ضلعي جي علائقي مان هٿ ڪيون. مقتول جي پنهنجي زال رابعه به قتل ۾ ملوث نڪتي، جنهن پنهنجي آشنا مرتضيٰ ۽ دوست علي حمزه سان گڏجي مغوي جو قتل ڪيو. جوابدار علي حمزه مئجسٽريٽ آڏو 164 بيان ۾ ڏوهه قبول ڪيو آهي، ڪيس ۾ 302 جا قلم وڌائي قتل ۾ ملوث ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button