پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ بااثرن خلاف ڦلهڏيون واسي ڪٽنب جو احتجاج

ميرپورخاص: ڦلهڏيون ٿاڻي جي حد ڳوٺ سامارو شاخ واسي پيرسن ڪنڀار مري پنهجي گهرواري سومري ۽ معصوم ٻار سان گڏ بااثرن ۽ پوليس جي زيادتين خلاف ميرپورخاص پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. هن صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته علائقي جا بااثر جن کي ڦلهڏيون پوليس جو آشيرواد حاصل آهي خانو مري، غلام قادر ۽ خدابخش مري منهجي زرعي زمين تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا، جنهن ڪري بااثرن هٿيارن سان زمين ۾ قائم منهنجي گهر تي قبضو ڪري ورتو آهي، ٽي ايڪڙن تي بيٺل توريي جي فصل کي پڻ ڀيلائي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، اهڙي دانهن ڦلهڏيون پوليس کي ڏني، پر پوليس بااثرن سان مليل هجڻ ڪري مون کي ڌمڪائي رهي آهي، بااثر ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ سميت موتمار ڌمڪيون ڏين پيا. پيرسن شخص ايس ايس پي ميرپورخاص کان مطالبو ڪيو ته بااثرن جي زيادتين جو نوٽيس وٺي گهر تان قبضو ختم ڪرائي بااثرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button