اسلام آباد :عالمي مالياتي اداري (آ ايم ايف) جا شرط پورا ڪرڻ لا وفاقي حڪومت طرفان قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل مني بجيٽ جي شق وار منظوري ڏني وئي آهي. ضمني مالياتي بل 2021 تي اپوزيشن جون ترميمون رد ٿي ويون آهن. مني بجيٽ تقريبن 150 شين تي سيلز ٽيڪس وڌائڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. ان ڏس ۾ ڪالهه قومي اسيمبلي ۾ ضمني بجيٽ جي منظوري لاءِ اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، حڪومت وٽ ايوان ۾ مني بجيٽ جي منظوري لاءِ 18 ميمبرن جي اڪثريت موجود هئي.قومي اسيمبلي جو ايوان هن وقت 342 ميمبرن تي ٻڌل آهي، حڪومت وٽ 182، جڏهن ته اپوزيشن وٽ 160 ميمبر آهن. اجلاس ۾ اپوزيشن جا 10 ۽ حڪومت جا 14 ميمبر غير حاضر رهيا، اهڙي ريت حڪومت وٽ 18 ميمبرن جي اڪثريت موجود رهي. جڏهن وزيراعظم عمران خان ايوان ۾ پهتو ته حڪومتي ميمبرن ڊيسڪون وڄائي سندس آجيان ڪئي. جڏهن ته اپوزيشن ميمبرن طرفان چور چور جي سخت نعريبازي ڪئي وئي. اجلاس ۾ ناڻي واري وزير شوڪت ترين ضمني مالياتي بل 2021 ايوان ۾ منظوري لاءِ پيش ڪيو ۽ چيو ته فنانس بل تي اپوزيشن جي واويلا بي بنياد آهي. ناڻي واري وزير جي خاطري تي ايم ڪيو ايم پاڪستان پنهنجون ترميمون واپس وٺي ڇڏيون. جڏهن ته بل جي شق تي اپوزيشن جون ترميمون رد ڪيون ويون. اپوزيشن جي ترميمن جي حق ۾ 150 ووٽ ۽ مخالفت ۾ 168 ووٽ پيا. ائين اپوزيشن جو ترميمون اڪثريتي راءِ سان رد ٿي ويون. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو، اپوزيشن اڳواڻ محسن داوڙ، شاهد خاقان عباسي ۽ نويد قمر جون ترميمون رد ڪيون ويون. ان دوران زباني را شماري کي چئلينج ڪيو ويو. ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته مخالف ڌر جو مني بل ۾ اصل اعتراض ٽيڪسن بابت نه پر ڊاڪومنٽيشن تي آهي ڇو ته 343 ارب روپين جي لڳايل ٽيڪس مان 280 ارب ريفنڊ ٿي ويندو. جڏهن ته صرف 71 ارب جا نوان ٽيڪس لڳندا، ڊبل روٽي، کير، ليپ ٽاپ ۽ سولر سميت ڪيترن ئي شين کي حاصل ڇوٽ برقرار آهي. قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر پاران مالي ضمني بل 2021ع جي شق 2 تي ٽي اهم ترميمون جمع ڪرايون ويون جيڪي شاهد خاقان عباسي، محسن داوڙ ۽ سيد نويد قمر ايوان ۾ پيش ڪيون. شاهد خاقان عباسي پنهنجي ترميم جي حق ۾ ڳالهائيندي چيو ته ناڻي وارو وزير آگاهه ڪري ته مني بجيٽ پيش ڪرڻ جي ضرورت ڇو محسوس ٿي؟ ماضي ۾ ڪڏهن به مني بجيٽ ۾ ايترا وڏا ٽيڪس نه آندا ويا. محسن داوڙ چيو ته اسان جي ترميم اڳوڻي فاٽا کان ڪسٽم هائوسز کي ضم ٿيل ضلعن کان ٻاهر رکڻ جي حوالي سان آهي. ضم ڪرڻ دوران جيڪي واعدا ڪيا ويا، اهي اڃا تائين ناهن پاڙيا ويا. شوڪت ترين ان بحث کي سهيڙيندي چيو ته ناڻي واري وزير طور جڏهن آءِ ايم ايف سان ڳالهين جو آغاز ٿيو ته هن ان پٽ ۽ آئوٽ پٽ کي برقرار رکڻ جي ڳالهه ڪئي، اهو جيڪو ٽيڪسز جو واويلا ڪيو پيو وڃي اهو اصل ۾ ڊاڪومنٽيشن جي خلاف آهي ڇو ته جڏهن به ڊاڪومنٽيشن جي ڳالهه ڪئي ويندي آهي ته اهڙي طرح گوڙ ٿيندو آهي. ڊاڪومنٽيشن سان سڀ ڀڄندا آهن، ان سان انهن جي اصل آمدني جو اندازو ٿي ويندو. هن چيو ته اهي ٽيڪسن جي گيم نه پر هي جيڪو واويلا جو طوفان آهي ان جو سبب ڊاڪو منٽيشن آهي. هن چيو ته مني بجيٽ جي ذريعي لڳايل 343 ارب روپين مان 280 ارب ريفنڊ ٿي ويندا. جڏهن ته صرف 71 ارب روپين جو ٽيڪس لاڳو ڪيو پيو وڃي، ان سان گڏوگڏ ڊبل روٽي، کير، ليپ ٽاپ، سولر سميت ٻين ضروري شين کي حاصل ڇوٽ برقرار رکي پئي وڃي. هن چيو ته مخالف ڌر کي به علم آهي ته جيستائين 18 کان 20 سيڪڙو ٽيڪس ٽو جي ڊي پي نه هوندي توازن نٿو ٿي سگهي. اڳوڻيون حڪومتون 13 ڀيرا آ ايم ايف وٽ ويون، ماضي جي حڪومتن جو ڪم هو ته هو ان وقت قدم کڻن ها. آئون ان کان وڌيڪ ڪو جواب نٿو ڏئي سگهان. اسان مجبوري وچان آ ايم ايف وٽ وياسين، ان کانسوا ڪو ٻيو چارو نه هو. شاهد خاقان ڳالهائيندي چيو ته مني بجيٽ جو بار غريب ماڻهو تي پوندو، هن بل کانپو بي پناهه مهانگائي ٿيندي. تيل ۽ پيٽرول جون قيمتون به هر مهيني وڌي رهيون آهن. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ڳالهائيندي چيو ته ناڻي وزير چئي تو ته ڊبل روٽي واري ترميم مڃي رهيا آهيون ته پو ترميمون رد ڇو ڪيون ويون آهن؟ اسان ناڻي وزير جي گهر جو پتو ڄاڻون ٿا، هو وڃي پڇي ته عوام گوڙ ڇو ڪري رهيو آهي؟ توهان عوام وٽ نه ويندا ته اسان توهان کي عوام وٽ وٺي وينداسين. توهان سنجيدا آهيو ته آ ايم ايف جي بجيٽ کي رد ڪريو. احسن اقبال چيو ته وفاقي وزير جيڪا جنت ڏيکاري، ان کي ميزائل لڳي ويو آهي. اسان اسٽيٽ بئنڪ جي خودمختياري جو سودو ڪرڻ نه ڏينداسين.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close