اسلام (ن، سنڌ ايڪسپريس) اسلام ڪوٽ جي ڳوٺ ڪيهڙي ۾17 ورھين جي ڇوڪري گنگا ڌي چندو ڪولھي ۽ سندن سئوٽ ارڙھين ورھين جي وڪرم ولد چيتن ڪولهي پسند جي شادي نه ٿيڻ تي مايوس ٿي گهرن ڀرسان ڄار جي وڻ ۾ هڪ ئي رسي ۾ ڦاهو کائي ڇڏيو، صبح سوير گذرندڙ ڳوٺاڻن وڻ ۾ لاش ٽنگيل ڏسي پوليس کي اطلاع ڪيو، اطلاع تي جهانگرو پوليس پهچي ٽنگيل لاش لهرائي تحويل ۾ وٺي اسلام ڪوٽ سرڪاري اسپتال آندا، جتان ضروري ڪارروائي بعد ٻئي لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. ان موقعي تي ڇوڪري جي پي چيتن، ڏاڏي اميدي ۽ ڇوڪري جي پي چندو ڪولهي ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان پاڻ ۾ پڦي جا پٽ سئوٽ آهيون، ڇوڪرو ۽ ڇوڪري پاڻ ۾ پيار ڪندا ھئٔا، جنهن جي اسان کي ڪابه ڄاڻ نه هئي، ڳوٺ جا ماڻهو ٻڌائين ٿا ته هنن جو پاڻ ۾ پيار هلندڙ هو، هنن ڏٺو ته هندو ريتن رسمن تحت اسان جي شادي ٿي نٿي سگهي، لڳي ٿو ته هنن مايوس ٿي اهڙو انتهائي قدم کنيو آهي. هنن وڌيڪ ٻڌايو ته اسان جا گهر به هڪ ئي پاڙي ۾ آهن، رات جو دير سان ٻئي گهران نڪري ويا، صبح جو اسان ڳولا ڪئي ته ڳوٺاڻن اچي ٻڌايو ته ٻنهي جا لاش هڪ وڻ ۾ ٽنگيا پيا آهن، اسان جو نصيب ڦٽو، خبر هجي ها ته ائين ڪرڻ نه ڏيون ها، اسان کي ڪنهن تي به شڪ نه آهي. ٻئي پاسي پوليس موجب لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن جي حوالي ڪيا ويا آهن، وارث چون ٿا ته جوڙي پاڻ آپگهات ڪيو آهي، اسان ڪابه قانوني ڪارروائي ڪرائڻ نٿا چاهيون، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close