پاڪستانسنڌ

ورڪشاپ ويجهو پوليس چڙهائي، تشدد، 6 ڳوٺاڻا گرفتار

سانگھڙ: ورڪشاپ ويجهو منڍ جمڙائو لڳ ڳوٺ علي شير ملاح تي منگلي ٿاڻي سميت سانگهڙ جي مختلف ٿاڻن جي پوليس اٽالن چڙھائي ڪري عورتن ۽ ٻارن مٿان تشدد ڪيو، پوليس اهلڪارن گهرن کي باھيون ڏئي سامان سميت ٽريڪٽر، ٿريشر ۽ چوپايو مال به ڪاھي وئي. ڳوٺ مالڪ علي شير ملاح ميڊيا کي ٻڌايو منگلي پوليس بااثر زميندار زاھد پٺاڻ جي ونگار وھندي چڙھائي ڪري گهرن کي باھيون ڏنيون ۽ 6 ڳوٺاڻن کي گرفتار ڪري نامعلوم ھنڌ لڪائي ڇڏيو آھي. هن گهر ڪئي ته نوٽيس کڻي انصاف ڪيو وڃي. پوليس موجب ڪورٽ جو حڪم ھو، علي شير ملاح وارن زاھد پٺاڻ جي زمين مٿان قبضو ڪيو ھو، جنهن کي خالي ڪرائڻ لاءِ پوليس آپريشن ڪيو ۽ قبضو خالي ڪرائي ورتو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button