پاڪستانسنڌ

ننگرپارڪر ۾ 30 تولا سون ڦر واقعي ۾ 4 ڄڻا گرفتار

ننگرپارڪر: ننگرپارڪر جي ڳوٺ ھيراڙ ديدا ۾ 20 ڏينھن اڳ مرليڌر واڻيو جي دڪان مان نامعلوم جوابدار دڪان ھلائيندڙ منشي گريش واڻيو جا ھٿ پير ٻڌي 30 تولا کان وڌيڪ سون ۽ 80 ھزار رپيا روڪ رقم کڻي فرار ٿي ويا ھئا. گذريل ڏينھن ڏانوڌانڌل پوليس ڪارروائي ڪري چئن جوابدارن رمضان سينھڙو، جعفر جويو، علي خان جويو ۽ نول ميگھواڙ کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس جوابدارن وٽان سونا زيور، روڪ رقم، ھڪ عدد پسٽل ۽ رائيفل جون گوليون ھٿ ڪري ورتيون آھن. پوليس ٻڌايو ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آھي، وڌيڪ جاچ جاري آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button