اسلام آبادپاڪستانسنڌ

آصف زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان وچ ۾ رابطو،هڪٻئي کي ڏوراپا

اسلام آباد: اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان وچ ۾ سياسي رابطا بحال ٿيڻ شروع ٿي ويا. ذريعن موجب آصف زرداري فون ذريعي مولانا فضل الرحمان سان سياسي سهڪار تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان ڳالهه ٻولهه دوران ڪجهه شڪايتون ڪيون ۽ چيو ته پيپلزپارٽي کي سمجهه کان ڪم وٺڻ گهرجي. ذريعن جو چوڻ آهي ته مولانا فضل الرحمان مشرف دور ۽ سينيٽ اليڪشن ۾ پ پ جي رويي جي شڪايت ڪئي، گڏو گڏ پي ڊي ايم جي ناڪامي جو به پ پ کي ذميوار قرار ڏنو. ذريعن موجب آصف علي زرداري ڳالهه ٻولهه دوران استعيفائن واري شرط کي پي ڊي ايم جي ناڪامي قرار ڏنو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button