اسلام آبادپاڪستان

ايف بي آر طرفان ناانصافي،صدر پيرسن کان معافي وٺي ڇڏي

اسلام آباد: صدر پاڪستان عارف علوي فيڊرل بورڊ آف روينيو ( ايف بي آر ) جي انتظامي ناانصافي تي پيرسن شهري کان معافي وٺي ڇڏي. صدر عارف علوي ايف بي آر جي آفيسرن پاران 82 ورهين جي ٽيڪس واهيپدار سان خراب رويي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. صدر چيو ته ايف بي آر آفيسرن معمولي رقم جي ريفنڊ تي پيرسن شهري کي قانوني قدم کڻڻ تي مجبور ڪيو، 2 هزار 333 رپين جي ريفنڊ واري معاملي کي هڪ سال کان وڌيڪ وقت تائين ٽنگيو ويو. ڊاڪٽر عارف علوي هدايت ڪئي ته چيئرمين ايف بي آر غير ذميوار ۽ بدعنواني جي پوري نظام جو جائزو وٺي. هن چيو ته ايف بي آر جي بد انتظامي تي پيرسن شهري عبدالمجيد خان کان معذرت ڪيان ٿو، ايف بي آر ۾ ڪنهن هڪ آفيسرکي به معاملي تي غور ڪرڻ جي توفيق نه ٿي.صدر وڌيڪ چيو ته معاملي ۾ ملوث سمورن عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button