پاڪستانپنجاب

آمدني گهٽ ۽ خرچ وڌيڪ هجڻ ڪري مهانگائي لڳي ٿي:فواد چوڌري

لاهور: اطلاعات ۽ نشريات بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته آمدني گهٽ ۽ خرچ وڌيڪ هجڻ ڪري مهانگائي لڳي ٿي.مهانگائي جي ڪري عمران خان جي مقبوليت ۾ گهٽتائي وارو تاثر غلط آهي. ن ليگ جي قيادت نواز شريف جو پتو صاف ڪرڻ تي لهي آئي آهي. ملڪ مان ڦرلٽ ڪري ڀڄي ويندڙ اڄ اسان کي معيشت تي ليڪچر ڏئي رهيا آهن. لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي فواد چوڌري چيو ته ن ليگ ۾ ريس لڳل آهي، پهرين صف ۾ ويٺل چار ليڊرز نواز شريف کي هٽائي پاڻ قيادت سنڀالڻ چاهين ٿا. هن دعويٰ ڪئي ته ن ليگ جا چارئي ليڊر ڪنهن سان ملڻ ويا ته چيائون نواز شريف ملڪ سان سٺو ناهي ڪيو، اوهان اسان کي ڇو نٿا سوچيو؟ فواد چوڌري چيو ته ٽنهي پارٽين وچ ۾ ايتري بي اعتمادي آهي جو هر پارٽي سوچي ٿي ته آئون اک ڇنڀيان ته ٻئي پارٽي ڊيل نه ڪري ڇڏي. هن چيو ته نواز شريف ڇاٿو ڪري جو هن وقت لنڊن ۾ سڀ کان مهانگائي پراپرٽي تي ويٺل آهي، سندس جو ڀاءُ هتي آهي ۽ هڪ پوري لين اتي شريف ڪٽنب اون ڪري ٿو. هن وڌيڪ چيو آهي ته ملڪ مان ڦرلٽ ڪري ڀڄي ويندڙ اڄ اسان کي معيشت تي ليڪچر ڏئي رهيا آهن. نواز شريف لنڊن جي سڀ کان مهانگي پراپرٽي ۾ ويٺل آهي، آصف علي زرداري لنڊن ۾ چرچل هوٽل جو مهانگو ترين اپارٽمينٽ وٺي رهي ٿو. اڄ ملڪ ۾ مهانگائي جو مسئلو سڌوسنئون انهن سان واڳيل آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت کي پنهنجي 5 سالن ۾ انهن جو ورتل 55 ارب ڊالر قرض واپس ڪرڻو آهي. پيپلزپارٽي جي حڪومت جڏهن وئي ته گئس تي ڪو گردشي قرض نه هو، شاهد خاقان عباسي 157 ارب رپين جو سرڪلر ڊيٽ ڇڏي ويو، جيڪي اسڪيمون انهن شروع ڪيون اهي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ساليانو 90 ارب رپيا گهربل آهن. انهن ماڻهن جي ڪري اڄ ملڪ ۾ مهانگائي درپيش آهي، اسان انهن کي ڪيئن نظرانداز ڪري سگهون ٿا. عمران خان جو پوري ملڪ ۾ ووٽ آهي، پي ٽي آءِ کانسواءِ ڪنهن ٻي سياسي پارٽي ۾ ايتري صلاحيت نه آهي جو اها 1100 سيٽن تي پنهنجا اميدوار بيهاري سگهي. اليڪشن اچڻ ڏيو، ميدان به سامهون هوندو، اسان ڏيکارينداسين ته اليڪشن ڪيئن وڙهبي آهي. انشاءَ الله ايندڙ 5 سال به عمران خان جي حڪومت هوندي. لاهور پريس ڪلب جي نئين چونڊيل عهديدارن جي حلف برداري واري تقريب کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته لاهور جي صحافين کي هيلٿ ڪارڊ جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي، صحافي ۽ انهن جا خاندان ڪنهن به سرڪاري ۽ نجي اسپتال مان 10 لک رپين تائين ساليانو علاج جي سهولت حاصل ڪري سگهندا. اسپتال ۾ داخلا جا سمورا خرچ حڪومت ادا ڪندي، وزيراعظم عمران خان خيبرپختونخواهه مان ان پروگرام جي شروعات ڪئي، جيستائين نجي شعبو صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ شامل نه ٿيندو، مسئلا حل نه ٿيندا. هن چيو ته صحت پروگرام هڪ منفرد پروگرام آهي، هڪ وڏي آبادي ان پروگرام مان فائدو کڻندي، ان سان گڏوگڏ نجي شعبي کي به هيلٿ سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري جو موقعو ملندو. هن چيو ت سنڌ حڪومت جيترو پئسو صحت جي شعبي ۾ خرچ ڪري رهي آهي، هي پروگرام ان کان اڌ رقم ۾ مڪمل ٿيڻو آهي. سنڌ ۾ هڪ ڊاڪٽر جي پگهار 76 لک رپيا رکي وئي، سنڌ ۾ صحت جو شعبو ۽ سموريون اسپتالون ويهي رهيون آهن. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته سمورن طبقن کي صحت جون هڪ جهڙيون سهولتون فراهم ڪيون وڃن، اسان امير ۽ غريب ۾ فرق کانسواءِ هڪ جهڙي علاج جي سهولت فراهم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته اسان لاهور کانپوءِ اسلام آباد جي صحافين ۽ سمورن پريس ڪلبن سان واڳيل صحافين کي صحت ڪارڊ جي اسٽيٽ آف دي آرٽ سهولت فراهم ڪرڻ وڃي رهيا آهيون. هن چيو ته ميڊيا جي ذريعي هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ حڪومت کي درخواست ڪريون ٿا ته اها به هن پروگرام ۾ حصو وجهي. هن چيو ته وزيراعظم جي لو ڪاسٽ هائوسنگ اسڪيم ۾ به صحافين کي شامل ڪيو ويو آهي، سمورا صحافي ان اسڪيم مان فائدو کڻڻ جا اهل هوندا، 5 مرلا تائين جي گهر تي 27 لک رپين تائين جو قرض ملندو، 3 لک رپين جي سبسڊي حڪومت پاران ڏني پئي وڃي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پرنٽ ميڊيا کي ڊيجيٽلائيزيشن طرف اچڻو پوندو، جيئن جيئن انٽرنيٽ جي رفتار ۾ اضافو ٿيندو، ڊيجيٽل ميڊيا فارمل ميڊيا جي جڳهه وٺندي. هن چيو ته گذريل ٽن سالن ۾ 12 ارب رپين جي ايڊورٽائيزمينٽ فارمل ميڊيا کان ڊيجيٽل ميڊيا ۾ منتقل ٿي. وفاقي وزير چيو ته ڪراچي پريس ڪلب وانگر لاهور پريس ڪلب کي به ڊيجيٽل ميڊيا ليب بڻائي ڏينداسين، ان ليب ذريعي صحافين کي وڊيو ايڊيٽنگ سميت ٻيون سهولتون ميسر هونديون، نوجوان صحافين کي سکڻ جا موقعا ملندا. هن چيو ته مالڪن سان سدائين ورڪنگ جرنلسٽس جي ڳالهه ڪئي، ڪجهه ڪئميره مينن ٻڌايو ته 7 سالن کان انهن جي پگهارن ۾ اضافو ناهي ٿيو. هن چيو ته 100 وڏين ڪمپنين اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 929 ارب رپين جو منافعو حاصل ڪيو، ميڊيا هائوسز به 35 کان 40 سيڪڙو منافعو حاصل ڪيو، ميڊيا مالڪن ۽ ڪمپنين کي پنهنجي ورڪرز جي پگهارن ۾ اضافو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسان ميڪرو اڪنامڪ پاليسيون ٺاهي رهيا آهيون. اسان ورڪنگ جرنلسٽس کي مضبوط بڻائڻ چاهيون ٿا. نئين سڌارن ۾ نيوز پيپرز جي لاءِ آءِ ٽي اين اي ۾ اليڪٽرانڪ ورڪرز کي به حق ڏئي رهيا آهيون ته جيڪڏهن انهن جو ڪانٽريڪٽ پورو نه ٿو ٿئي ته اهي عدالت ۾ پنهنجو ڪيس داخل ڪري سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button