پاڪستانپنجاب

شهباز شريف جلد جيل اندر هوندو:شهباز گِل

فيصل آباد:وزيراعظم جي ترجمان ۽ سياسي معاملن بابت خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گِل چيو آهي ته شهباز شريف چئن جي ٽولي پنهنجي، حمزه شهاز، نواز شريف ۽ مريم نواز لاءِ ڊيل گهري رهيو آهي ۽ لنڊن وڃڻ چاهي ٿو پر کيس جيتري ڊيل ۽ ڍر ملڻي هئي اها ملي وئي. هاڻي جلد ئي شهباز شريف جي جيل اندر هوندو. جڏهن ته نواز شريف جي ويزا پڻ جلد رد ٿيڻ واري آهي. فيصل آباد ۾ گورنمينٽ ايسوسيئيٽ ڪاليج ميران والا بنگلا ۾ افتتاحي تقريب جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته شهباز شريف چئن ڄڻن لاءِ ڊيل چاهي ٿو ۽ لنڊن وڃڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته اسان جون جيتريون مجبوريون هيون اهي ختم ٿي ويون، ان لاءِ هاڻي نرمي جي توقع نه رکن. هن چيو ته هاڻي ان جي سامهون عمران خان جهڙو ليڊر بيٺل آهي ان ڪري نواز شريف جو احتساب ضرور ٿيندو. شهباز گِل چيو ته هاڻي شهباز شريف جي ڊيل وارو خواب پورو نه ٿيندو، هو جلد ئي جيل ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button