پاڪستانسنڌ

ڊگهڙي ۾ ڊمپر جي ٽڪر ۾ نينگر چيڀاٽجي فوت

ڊگھڙي: ڊگهڙي شهر ۾ ٽنڊو جان محمد روڊ ريلوي ڦاٽڪ تي بجري سان ڀريل ڊمپر ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار ڊگهڙي شهر جو رهواسي 15 ورهين جو عثمان ولد مجاهد مغل چيڀاٽجي ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو، پوليس موقعي تي پهچي ڊمپر ۽ ڪلينر افتخار پٺاڻ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، جڏهن ته ڊمپر ڊرائيور فرار ٿي ويو. فوتي نينگر جو لاش تعلقي اسپتال آندو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪو گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button