پاڪستانسنڌ

مقصودورند ۾ حيدري ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ پڄاڻي تي پهتو

مقصودو رند: مقصودورند لڳ ڳوٺ خان رند ۾ مشھور سگھڙ ھادي بخش حيدري پاران حيدري ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ڪرايو ويو، جيڪو ٻه مھينا جاري رھڻ بعد پڄاڻي تي پهتو، ٽورنامينٽ ۾ 18 ٽيمن حصو ورتو. جڏھن ته ٽورنامينٽ جو فائنل حيدري اليون ۽ نبي بخش اليون ۾ کيڏيو ويو، پھريان بيٽنگ ڪندي حيدري اليون جي ٽيم 10 اوورن ۾ خادم بروھي جي 33 رنسن جي مدد سان 64 رنسون ٺاهيون. جواب ۾ نبي بخش اليون جي ٽيم 44 رنسن تي ڍير ٿي وئي، مھمان خاص غلام حيدر رند، سائين بخش جمالي ۽ ٻين فاتح ٽيم حيدري اليون ۽ ھارائيندڙ ٽيم نبي بخش اليون کي روڪ انعام ۽ ٽرافيون ڏنيون. حيدري اليون جي خادم بروھي کي 4 وڪيٽون ۽ 33 رنسون ٺاهڻ تي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو، بھترين رانديگر جو ايوارڊ شاھد علي کي ڏنو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button