پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص لڳ ڪار ٽريڪٽر ٽرالي سان ٽڪرائجي وئي، 2 نوجوان فوت

ٽنڊوآدم: ميرپورخاص لڳ لغاري پئٽرول پمپ ڀرسان ٽنڊوآدم واسين جي ڪرولا ڪار بيٺل ٽريڪٽر ٽرالي سان ٽڪرائجي وئي، جنهن کي پٺيان ايندڙ مزدا ٽڪر هنيو، نتيجي ۾ ٽنڊي آدم جي تعلقي اسپتال جي ڪلارڪ راج محمد لغاري جو 22 سالن جو نوجوان پٽ مصور لغاري ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته 5 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، جن مان ڳوٺ دودا خان مري جو رهواسي 25 سالن جو خالد مري سول اسپتال حيدرآباد ۾ فوت ٿي ويو، حادثي کانپوءِ مزدا ڊرائيور مزدا ڪاهي فرار ٿي ويو. پوليس قانوني ڪارروائي کانپوءِ نوجوانن جا لاش وارثن حوالي ڪيا، جيڪي ٽنڊي آدم کڻائي آيا. وارثن خالد مري کي دودا خان مري ڀرسان اباڻي قبرستان ۽ مصور لغاري کي ڳوٺ جعفر لغاري ۾ دفنايو. ٻنهي نوجوانن جا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، حادثي سبب علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button