
مقصودو رند: مقصودو رند ۾ علائقائي ڪرڪيٽ تنظيم جي چيئرمين حاجي راحب علي رند جي نگراني ۾ جاري سخي سلطان فقير لاشاري ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي پھرئين پري ڪوارٽر فائنل مقابلي ۾ ملا حرمت اليون جي ٽيم منير ڪيريو جي 38 رنسن جي مدد سان مقرر 10 اوورن ۾ 102 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو. جواب ۾ شير خان ٽالپر اليون جي ٽيم پياس علي جي 44 رنسن جي مدد سان 7 اوورن ۾ 102 رنسون ٺاهي ڪاميابي ماڻي. بهترين بيٽنگ ڪرڻ تي پياس علي کي بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو، مھمان خاص زوار شير خان رند کيس ٽرافي ڏني.