

لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي جعلي ويڪسينيشن انٽري تي ڪارروائي ڪندي لاهور جي ڪوٽ خواجا سعيد اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر احمد نديم ۽ سينيئر ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر منير معطل ڪري ڇڏيو. معطل آفيسرن کي صحت کاتي ۾ فوري رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، ان کانسواءِ ڪرونا ويڪسين جي جعلي انٽري ۾ ملوث اسپتال جي ٽن ملازمن خلاف ڪيس به داخل ڪيا ويا آهن ۽ ٻن ملازمن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. نواز شريف جي جعلي ڪرونا ويڪسينيشن جي انٽري تي وفاقي جاچ ايجنسي (ايف آءِ اي) ۽ پوليس الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا آهن. ايف آءِ اي سائبر ڪرائي موجب چوڪيدار ابوالحسن ۽ وارڊ بواءِ عادل نواز شريف جي جعلي انٽري لاءِ لاءِ ٽئين ملازم نويد جي آءِ ڊي استعمال ڪئي. پوليس ٽن جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري ابوالحسن ۽ عادل کي گرفتار ڪيو آهي. انکانسواءِ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) پنجاب جي صحت واري سيڪريٽري کي اسلام آباد طلب ڪيو آهي.