پاڪستانسنڌ

ڇور ۾ لائبريري قائم، نوجوان ڪتاب پڙهن:تعليمي ماهر

ڇور: ڇور شهر جي نيو آرقم پبلڪ اسڪول ۾ شاگردن لا لائبريري قائم ڪئي وئي، افتتاحي تقريب ۾ لائبريري سنڌ جي نامياري تعليمدان، ليکڪ ۽ استاد پونجراج ڪيسراڻي جي نالي سان منسوب ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. تقريب ۾ ڳالهائيندي ڊاڪٽر عبدالعزيز ڪنڀار چيو ته ڪتاب شعور جي علامت آهي، جن قومن ڪتاب کي پنهنجو دوست بڻايو، اهي ترقي جي آسمان تي پهچي ويون. شاگرد فضول سرگرمين بدران لائبريري ۾ ويهي ڪتابن جو مطالعو ڪن. ليکڪ ۽ ڪالم نگار ارباب نيڪ محمد چيو ته ھن لائبريري ۾ علائقي جا نوجوان ۽ شاگرد ادبي ڪتاب پڙھي ادبي شعور حاصل ڪن. ليکڪ ۽ ماھر تعليم استاد پونجراج ڪيسراڻي سوٽھڙ چيو ته آئون ٿورائتو آھيان جو منھنجي نالي ادبي لائبريري منسوب ڪئي، تعليم سان گڏ ادبي ڪتاب پڙھي ادبي ڄاڻ حاصل ڪئي وڃي. تقريب کي ليکڪ سماجي ورڪر سردار ڀيو، سينيئر صحافي پرٿوي سوڍو، ليکڪ مڪيش ڪمار، غلام مصطفى ڀنڀرو، ڊاڪٽر رضا سميجو، نور محمد ٿري، سينيئر صحافي نور سنڌي، پروفيسر جمعون خان آريسر، بيرم داس ۽ ٻين خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button