اسلام آبادپاڪستان

ترقي لاءِ حڪومتي پاليسين ۾ مڪمل ساٿ ڏينداسين:آرمي چيف

اسلام آباد :آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته دفاعي پيداوار جي شعبي ۾ وسيع موقعا موجود آهن، جن جو پبلڪ ۽ پرائيويٽ سيڪٽر ۾ گڏيل سهڪار سان فائدو وٺي سگهجي ٿو. ملڪ جي ترقي لاءِ حڪومتي پاليسين جي عملدرآمد ۾ پورو ساٿ ڏينداسين. وزيراعظم عمران خان سان ناليوارن صنعتڪارن ۽ واپارين جي وفد جي ملاقات دوران خيالن جو اظهار ڪندي آرمي چيف چيو ته دفاعي پيداوار شعبي ۾ اڻ ڳڻيا موقعا موجود آهن جن جو پبلڪ ۽ پرائيويٽ سيڪٽر ۾ اشتراڪ سان فائدو وٺي سگهجي ٿو. هن چيو ته ملڪ جي ترقي لاءِ حڪومتي پاليسين جي عمل ۾ مڪمل ساٿ ڏينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button