اسلام آبادپاڪستان

ڪرونا وگهي وڌيڪ 47 مريض فوت،فوتين جو انگ 29 هزار 648 ٿي ويو

اسلام آباد :ملڪ ۾ ڪرونا وگهي هڪ ڏينهن دوران وڌيڪ 47 مريض فوت ٿي ويا، جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 29 هزار 648 ٿي ويو. ڪالهه نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3 هزار 914 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا. پنجاب ۾ 4 لک 92 هزار 489، سنڌ ۾ 5 لک 54 هزار 990، خيبرپختونخوا ۾ 2 لک 6 هزار 879، بلوچستان ۾ 34 هزار 957، گلگت بلتستان ۾ 11 هزار 18، اسلام آباد ۾ هڪ لک 32 هزار 400، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 41 هزار 342 ڪيسز رپورٽ ٿيا. پاڪستان ۾ ڪرونا جي تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 14 لک 74 هزار 75 ٿي ويو.سموري ملڪ ۾ هينئر تائين 2 ڪروڙ 55 لک 81 هزار 680 ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيا ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 54 هزار 638 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا. هينئر تائين 13 لک 59 هزار 757 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. جڏهن ته هڪ هزار 716 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button