پاڪستانسنڌ

پبلڪ سروس ڪميشن جي اڳوڻي چيئرمين سميت 18 آَفيسر بري

حيدرآباد (رپورٽ: راشد لغاري) حيدرآباد ۾ نيب عدالت 2003ع جي گڏيل چٽاڀيٽي امتحان ۾ مبينا ڪرپشن وارو ريفرنس ختم ڪندي سنڌ پبلڪ سروس ڪميش جي اڳوڻي چيئرمين، امتحانن واري ڪنٽرولر سميت 18 سال اڳ ڪميشن پاس ڪري آفيسر بڻيل 18 ڄڻن کي ڪرپشن ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو آهي. خبر موجب سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ 2003ع جي گڏيل چٽاڀيٽي امتحان ۾ مبينا ڪرپشن ڪرڻ ۽ سياسي سفارشن تي اميدوارن کي ڀرتي ڪرڻ خلاف نيب طرفان 2018/3 تحت ريفرنس داخل ڪيو ويو هو، جنهن جو ڪيس گذريل ٽن سالن کان نيب عدالت ۾ هلندڙ هو، جنهن ۾ اڳوڻي چيئرمين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن، امتحانن واري ڪنٽرولر سميت 18 آفيسرن کي نامزد ڪيو ويو. ان ڏس ۾ نيب عدالت ۾ جج انعام علي ڪلهوڙو ڪالهه محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو. فيصلي وقت نامزد ڪيل سمورا جوابدار ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جا عملدار موجود هئا. عدالت ۾ جج انعام علي ڪلهوڙو فيصلو پڙهي ٻڌايو ته سنڌ پبلڪ سروس جي گڏيل چٽاڀيٽي جي امتحان 2003ع تي ڪرپشن جو الزام هڻي مختلف وقتن تي ڪميٽيون ٺاهيون ويون، جيڪي ڪرپشن کي ثابت نه ڪري سگهيون، ڪاميٽين ۾ مختلف سيڪريٽري سطح جا عملدار به شامل هئا. هڪ گواهه عنايت اختر ڀرڳڙي ها ڪورٽ ۾ پٽيشن ۾ لکي ڏنو هو ته امتحان ۾ ڪنهن به قسم جي هيراڦيري نه ٿي آهي ۽ نه وري اميدوارن طرفان سياسي سفارش سامهون آئي آهي. جڏهن ته مرحوم هارون ميمڻ سنڌ مضمون ۾ 150 مارڪن جي پيپر کي 100 مارڪون جو ڏيکاريو، جيڪا غلطي به مرحوم کان ٿي، امتحان کان نه ٿي هئي. جج چيو ته اي بي سومرو، اي جي جوڻيجو ۽ ٻي گواهه چيو هو ته اهي رزلٽ مان مطمئن آهن. هڪ ٻئي ڪميٽي رپورٽ ابرار حسين مرزا 44 صفن تي پڌري ڪئي هئي. جيڪا وڏي اهميت رکندڙ آهي. جنهن رپورٽ ۾ پڻ امتحان ۾ ڪرپشن ڪرڻ ۽ سياسي اثررسوخ هلائڻ جو ڪٿي به ذڪر نه ڪيو ويو آهي. اها ان معاملي تي بلڪل خاموش آهي. نيب ريفرنس ۾ جاچ آفيسر ۽ 28 گواهن طرفان رڳو چيئرمين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۽ امتحانن واري ڪنٽرول کي نامزد ڪيو ويو، جڏهن ته امتحانن جي ڪميٽي ۽ بورڊ جي ميمبرن جو ڪٿي به ذڪر ناهي. نيب جي جاچ آفيسر اسلم پرويز ميمڻ ثبوت پيش نه ڪري سگهيو ته ڪيمشن جي امتحان ۾ ڪنهن سفارش هلائي، امتحان ۾ ڪيئن بنڊل آندا ويا، ڀلا سينٽر تي ڪهڙي طريقي سان ڪاپي ٿي، اهي ثبوت پيش نه ڪيا ويا آهن. ان ڪري ڪرپشن ڪيس جا بنياد ئي ناهن مليا. ها ڪورٽ ۾ جيڪي پٽيشن داخل هيون، اهو نيب ريفرنس ۾ رڪارڊ حصو نه بڻايون ويون آهن، ان ڪري هي اميدوارن ۽ ڪميشن خلاف نيب ريفرنس مفروضن تي ٻڌل لڳي ٿو، لڳي نٿو ته ڪا ڪرپشن ٿي آهي. ان ڪري شڪ جي بنياد تي عدالت سمورن جوابدارن کي بري ڪري ٿي. عدالت جي فيصلي اچڻ بعد ساهه مٺ ۾ آيل آفيسرن هڪٻئي کي مبارڪون ڏنيون. شنوائي وقت محمد حسن ڀٽو، محمد عمر زئنور، ميمونا شاهه، علي انور رڪ، شعيب احمد کهيڙو، عامر ضيا اسران، ابراهيم ميمڻ، غلام سرور اتيرو، سيف الله ابڙو، محمد يعقوب، محمد جمن ٿيٻو، مختيار احمد ملاح، ايس ايس پي لاڙڪاڻو عمران قريشي، رياض احمد ڏهر، مختيار احمد شر، محمد سليم شيخ، شبير علي ابڙو، ڊاڪٽر نثار احمد لغاري، ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن غلام مرتضى ميمڻ، عيان مصطفى ڀٽو سميت سندن وڪيل نجيب الله شر سميت ٻيا وڪيل اڳواڻ موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button